Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:21 - Muslim Sindhi Bible

21 تڏهن عيسيٰ هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ محبت پيدا ٿي. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ خيرات ڪر. تڏهن خدا وٽ تو کي خزانو ملندو. سو خيرات ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 يسوع هن ڏانهن نظر ڪري کيس پيار ڪيو، ۽ چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي: وڃ جيڪي اٿيئي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، ۽ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 تڏهن يسوع هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ پريم پيدا ٿيو. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر. تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 عيسيٰ ھن کي چتائي ڏٺو ۽ ساڻس پيار ڪيو ۽ چيائين تہ ”تو ۾ اڃا ھڪڙي شيءِ جي گھٽتائي آھي. وڃ ۽ وڃي پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:21
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن جوان ماڻهوءَ انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ دير ڪانہ ڪئي، ڇو تہ يعقوب جي ڌيءَ تي ڏاڍي دل هئس. هو پنهنجي پيءُ جي گھراڻي ۾ سڀني کان وڌيڪ عزت وارو هو.


سچائي، ڏاهپ، سکيا ۽ سمجھہ ملهہ ڏيئي بہ خريد ڪرڻ گھرجي، انهن کي اوهين پاڻ کان هرگز جدا نہ ڪريو.


پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي.


عيسيٰ هن کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ خيرات ڪر، تڏهن خدا وٽ تو کي خزانو ملندو. سو خيرات ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


جيئن تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو، سو هن ڳالهہ تي سندس منهن لهي ويو ۽ ڏک وچان هليو ويو.


پوءِ عيسيٰ ميڙ کي پنهنجي شاگردن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ اهو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي.


جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“


سو جيڪي اٿوَ سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني عرش عظيم تي پنهنجي لاءِ اهڙو خزانو گڏ ڪريو جيڪو کُٽي ئي نہ، جنهن کي نہ چور ويجھو اچي ۽ نہ ڪينئون ٽُڪي خراب ڪريس،


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ دنياوي دولت سان دوست پيدا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اها دولت کُٽي وڃي تڏهن دائمي گھر ۾ اوهان جي آجيان ڪئي وڃي.


اهو ٻڌي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اڃا تو ۾ هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ تو وٽ جيڪي بہ آهي سو سڀ وڪڻي غريبن ۾ ورهائي ڇڏ، تڏهن عرش عظيم تي تو کي خزانو ملندو. سو ورهائڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


جڏهن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو آيو تہ شهر کي ڏسي مٿس رنائين


پوءِ شاگردن سميت سڀني کي چيائين تہ ”جيڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري سو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ هر روز پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي.


جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي سلامتي ملي. دنيا ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آهي.“


اهي پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي پئسا پاڻ ۾ ورهائيندا هئا ۽ هر هڪ کي پنهنجي گھرج آهر ملندو هو.


تنهنڪري آءٌ اوهان جي خاطر وڏي خوشيءَ سان پنهنجو سڀ ڪجھہ خرچ ڪري ڇڏيندس، بلڪ پنهنجي جان بہ ڏيئي ڇڏيندس. سو جڏهن آءٌ اوهان سان ايڏو پيار ڪريان ٿو، تہ پوءِ ڇو اوهين مون سان گھٽ پيار ٿا ڪريو؟


حقيقت ۾ جيڪي بہ عيسيٰ مسيح ۾ دينداريءَ سان زندگي گذارڻ چاهين ٿا، سي سڀ ستايا ويندا.


جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي ڪئي ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان ڄاتو پئي تہ اوهان وٽ انهيءَ کان بهتر ۽ دائمي ملڪيت موجود آهي.


ڇاڪاڻ تہ جيڪو شريعت جي رڳو هڪڙي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري، سو سڄي شريعت جي خلاف‌ورزي ڪري گنهگار قرار ڏنو وڃي ٿو.


پر مون کي اوهان کان ڪجھہ شڪايتون آهن تہ اوهان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بلعام جي تعليم تي عمل ڪن ٿا، جنهن بلق بادشاهہ کي سيکاريو ٿي تہ بني اسرائيل کي ڪيئن گمراهہ ڪري جو اهي بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائين ۽ زنا ڪن.


پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهين انهيءَ عورت ايزبل کي پاڻ وٽ برداشت ڪريو ٿا جيڪا پاڻ کي نبياڻي سڏائي ٿي. اها منهنجي ٻانهن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري.


پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهان مون سان پهريون واري محبت ڇڏي ڏني آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ