Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:40 - Muslim Sindhi Bible

40 ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو هڪڙو ماڻهو عيسيٰ وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويهي کيس نيزاري ڪندي چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 ۽ هڪڙو ڪوڙهيو وٽس آيو، جنهن نيزاري ڪري، ۽ اڳيانس گوڏا کوڙي چيس تہ جي تنهنجي مرضي هجي تہ مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو هڪڙو ماڻهو يسوع وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويهي کيس منٿ ڪندي چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو ھڪڙو ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويھي کيس نيزاري ڪري چيائين تہ ”جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:40
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون خداوند جي لاءِ ڪا ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ جيئن مون چيو تيئن آءٌ وري مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“


ڀلي تہ اهو ڏوهہ يوآب جي سر تي ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي تي پوي. ڀلي تہ يوآب جي گھراڻي ۾ ڪونہ ڪو اهڙو ماڻهو رهندو اچي جنهن کي جريان يا ڪوڙهہ جهڙي بيماري هجي، يا جيڪو لٺ تي هلي، يا جيڪو تلوار سان قتل ٿئي يا جيڪو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.“


خداوند عُزياہ بادشاهہ کي ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ سان سٽي وڌو، جيڪا باقي سڄي زندگي کيس لڳي رهي. هو ڌار گھر ۾ رهندو هو ۽ سندس پٽ يوتام شاهي محل جو ڪاروبار سنڀاليندو هو ۽ ملڪ جو انتظام هلائيندو هو.


سامريہ شهر جي ٻاهرئين دروازي وٽ ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ ۾ ورتل چار ماڻهو ويٺا هئا جن هڪٻئي کي چيو تہ ”اسين مرڻ گھڙيءَ تائين هتي ڇو ويٺا هجون.


انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


جڏهن عيسيٰ پنهنجي ٽنهي شاگردن سان گڏ ٻين شاگردن ۽ خلق ڏانهن موٽيو تہ هڪڙو ماڻهو وٽس اچي گوڏا کوڙي


عيسيٰ کي هن تي ڪهل آئي، سو پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي چيائينس تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“


عيسيٰ جڏهن رستي سان ويو پئي تہ هڪڙو ماڻهو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“


پوءِ هو پاڻ انهن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي دعا گھرڻ لڳو تہ


پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! هنن جي هن گناهہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو.


انهيءَ سبب آءٌ آسمان توڙي زمين تي هر هڪ خاندان کي سڃاڻپ بخشيندڙ آسماني پيءُ جي آڏو سجدو ڪندي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ