Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ماڻهو هن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن انهن کي شريعت جي عالمن وانگر نہ، بلڪ ائين پئي تعليم ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ ماڻهو سندس تعليم ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويا: ڇالاءِ تہ انهن کي فقيهن وانگر نہ پر ائين ٿي سيکاريائين جيئن ڪو اختياريءَ وارو سيکاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 ماڻهو هن جي سکيا تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن انهن کي نيم شاسترين وانگر نہ، بلڪ ائين پئي سکيا ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ماڻھو ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھن کي شريعت جي عالمن وانگر نہ پر اختياريءَ سان تعليم ڏئي رھيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:22
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجو فرمان باهہ وانگر آهي، هائو، ان هٿوڙي وانگر آهي جيڪو پٿر کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“


۽ موٽي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادت‌خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ هن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”هن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اهڙي قدرت ڪٿان حاصل ڪئي آهي؟


ايتري ۾ ڀوت ورتل هڪڙو ماڻهو عبادت‌خاني ۾ رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ


جن بہ هن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي هن جي سمجھہ ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب ۾ پئجي ٿي ويا.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو.


سڀيئي ماڻهو هن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن اختيار سان پئي ڳالهايو.


پهريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو آهي، جهڙيءَ طرح هي شخص ٿو ڳالهائي.“


پر پاڪ روح استيفنس کي اهڙي سياڻپ ڏني جو جڏهن هن ڳالهايو تہ اهي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.


اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت خدا جي پيغام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ