Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:21 - Muslim Sindhi Bible

21 پوءِ عيسيٰ پنهنجي انهن شاگردن سميت ڪفرناحوم شهر ۾ آيو جتي سبت جي ڏينهن تي عبادت‌خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 پوءِ اُهي ڪفرناحوم ۾ ويا، ۽ هو يڪدم سبت جي ڏينهن عبادتگاهہ ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 پوءِ يسوع پنهنجي انهن چيلن سميت ڪفرناحوم شهر ۾ آيو جتي سبت جي ڏينهن تي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 پوءِ ھو ڪفرناحوم شھر ۾ آيا ۽ عيسيٰ سبت جي ڏينھن تي عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:21
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ناصرت ۾ نہ رهيو پر وڃي ڪفرناحوم شهر ۾ رهيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي بني اسرائيل جي زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي حدن اندر آهي.


عيسيٰ گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي عبادت‌خانن ۾ تعليم ڏيندو، آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.


هنن کي ڏسندي ئي عيسيٰ کين سڏ ڪيو تہ انهن پنهنجي پيءُ کي ٻيڙيءَ ۾ مزدورن سان ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳا.


ان کان پوءِ عيسيٰ عبادت‌خاني مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس سان گڏ سندن گھر آيو.


سڄو شهر دروازي تي اچي مڙيو.


پوءِ هو گليل جي پوري علائقي جي عبادت‌خانن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو.


پوءِ عيسيٰ گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.


ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي.


عيسيٰ جڏهن ٻيهر عبادت‌خاني ۾ داخل ٿيو تہ اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو ڏٺائين.


سبت جي ڏينهن تي هو عبادت‌خاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟


اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آسمان کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا.“


هڪڙي دفعي سبت جي ڏينهن تي عيسيٰ عبادت‌خاني ۾ ويٺي تعليم ڏني.


پوءِ هو پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي هئي. سبت جي ڏينهن تي پنهنجي دستور موجب هو عبادت‌خاني ۾ ويو ۽ پاڪ ڪلام پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو.


تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين ضرور اها چوڻي مون کي چوندا تہ ’حڪيم! پاڻ کي تہ ڇٽاءِ‘ ۽ هيئن بہ چوندا تہ ’هتي پنهنجي ديس ۾ بہ ائين ئي ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم شهر بابت ٻڌون ٿا.‘


پولس پنهنجي دستور موجب سندن عبادت‌خاني ۾ ويو ۽ ٽن هفتن تائين هر سبت جي ڏينهن تي هو پاڪ ڪلام مان ساڻن بحث پيو ڪندو هو.


هو هر سبت جي ڏينهن تي يهودين جي عبادت‌خاني ۾ ويندو هو ۽ بحث ڪري يهودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ