Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:20 - Muslim Sindhi Bible

20 هنن کي ڏسندي ئي عيسيٰ کين سڏ ڪيو تہ انهن پنهنجي پيءُ کي ٻيڙيءَ ۾ مزدورن سان ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ انهن کي يڪدم سڏيائين، ۽ هو پنهنجي پيءُ زبديءَ کي مزدورن سان ٻيڙيءَ ۾ ڇڏي، پاڻ سندس پٺيان هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 هنن کي ڏسندي ئي يسوع کين سڏ ڪيو تہ انهن پنهنجي پتا کي ٻيڙيءَ ۾ مزدورن سان ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ يسوع جي پٺيان هلڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 عيسيٰ انھن کي سڏيو تہ ھنن پنھنجي پيءُ کي ٻيڙيءَ ۾ مزورن سان ڇڏي ڏنو ۽ عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:20
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اليشع ڏاند ڇڏي الياس جي پٺيان ڊوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”مهرباني ڪري مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ کي پيرين پئي الوداع چوڻ ڏيو. پوءِ مان توهان جي پٺيان هليو هلندس.“ تڏهن الياس کيس چيو تہ ”ڪير ٿو جھليئي! پر مون جيڪي تو سان ڪيو سو سمجھہ ۾ نہ آيئِہ؟“


جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي توڙي پنهنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، سو منهنجي لائق نہ آهي.


ٿورو اڳڀرو هليو تہ هن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪندي ڏٺو.


پوءِ عيسيٰ پنهنجي انهن شاگردن سميت ڪفرناحوم شهر ۾ آيو جتي سبت جي ڏينهن تي عبادت‌خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.


تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”برابر، پر آءٌ اوهان کي هيءَ ڳالهہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منهنجي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنهنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ پيءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو،


”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماءُ پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.


پوءِ اهي ٻيڙين کي ڌِڪي ڪناري تي ڪاهي آيا ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳا.


تنهنڪري هاڻي کان اسين ڪنهن کي بہ دنياوي نظر سان نہ ٿا ڏسون. پهريائين اسان مسيح کي بہ دنياوي نظر سان ٿي ڏٺو، پر هاڻي ائين نہ ٿا ڪريون.


هنن رڳو تنهنجي ئي ڳالهين تي عمل ڪيو، ۽ تنهنجي عهد کي قائم رکيائون. ايتري قدر جو پنهنجي ماءُ پيءُ بابت چيائون تہ ’اسين هنن جو سانگو نہ ٿا ڪريون،‘ هنن پنهنجي ٻارن کي بہ نہ سڃاتو، نڪي پنهنجي ڀائرن ڀينرن کي ئي پنهنجو ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ