Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 7:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اي خداوند! پنهنجي چونڊيل قوم جي رهنمائي ڪر. اچ، اسان جو اچي ريڍار ٿيءُ. اسان جي چوڌاري سرسبز ٻنيون آهن، پر اسين ڪرمل جي جھنگ ۾ اڪيلا پيا رهون. تون اسان جي اڳواڻي ڪري اسان کي بسن ۽ جِلعاد جي علائقن ڏانهن وٺي هل. هائو، اسان کي اڳي وانگر انهن سرسبز چراگاهن ۾ رهاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پنهنجي قوم کي، ۽ جيڪو تنهنجي ورثي جو ڌڻ آهي تنهن کي، پنهنجي لٺ کڻي ڪرمل جي ٻيلي منجهہ چار: ڀلي تہ بسن جلعاد ۾ چرن، جيئن اڳين ڏينهن ۾ ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 7:14
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند ئي خدا آهي. هن ئي اسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسين هن جا ئي آهيون. هائو، اسين سندس چونڊيل قوم، ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


تنهن هوندي بہ آءٌ قديم زماني تي نظر وجھان ٿو، ۽ تنهنجي ڪمن تي غور ويچار ڪريان ٿو. هائو، آءٌ تنهنجي عظيم ڪمن بابت سوچيان ٿو.


اي خداوند! پنهنجي قوم کي بچاءِ، هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث کي برڪت عطا ڪر. تون انهن جو رکوالو ٿيءُ ۽ کين سدائين سنڀالي رک.


هو ئي تہ اسان جو خدا آهي. اسين سندس رڍن جي ڌڻ مثل آهيون، جن جي هو پنهنجي چراگاهہ ۾ سار سنڀال لهي ٿو. هاڻي اڄوڪي ڏينهن اوهين پنهنجو ڪن ڏيئي خدا جو هي پيغام ٻڌو تہ


هن ڪري جو پوءِ اها خبر ڪيئن پوندي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ۽ تنهنجي قوم تي آهي؟ اها خبر انهيءَ ڳالهہ مان ئي پوندي جو تون اسان سان گڏ هلندو رهين، تہ جيئن آءٌ ۽ تنهنجي قوم سڄيءَ دنيا جي قومن کان ڌار ليکجون.“


اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين! واہ! تون ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجي نقاب پٺيان تنهنجيون اکڙيون، ڄڻ ڪبوترين جون اکيون آهن. تنهنجا وار ائين ٿا جھُومن، جيئن ڪو ٻڪرين جو ڌڻ جِلعاد جبل تان لهي رهيو هجي.


انهيءَ ڏينهن وڏي آواز سان نفيل وڄائي ويندي، تان‌تہ اشور ۽ مصر ملڪ ۾ جلاوطن ٿيل سڀيئي بني اسرائيل موٽي اچن. سو اهي موٽي ايندا ۽ پاڪ جبل تي اڏيل شهر يروشلم ۾ اچي خداوند جي عبادت ڪندا.


بيابان ۾ هر طرف گل ئي گل ٽڙندا، ۽ انهيءَ مان خوشيءَ جي گيتن ۽ شادمانن جا آواز پيا ايندا. اهو اهڙو شاندار ٿي پوندو جهڙو لبنان جبل. اهو اهڙو تہ زرخيز ٿي پوندو، جهڙو ڪرمل جبل ۽ شارون جي ماٿري. تڏهن هر ڪو خداوند اسان جي خدا جي عظمت ۽ قدرت ڏسندو.


تو پنهنجي نوڪرن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بي‌شمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين، بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن.


هو ڌنار وانگر پنهنجي ڌڻ جي سار سنڀال لهندو. هو گھيٽڙن کي گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو. انهن جي کير پيئاريندڙ مائرن کي هو آهستي آهستي پاڻ سان وٺي هلندو.


انهن کي نہ بک لڳندي، نہ اڃ، نڪي گرمي ۽ نہ اُس ئي کين ڪو نقصان پهچائيندي، ڇاڪاڻ تہ جنهن هستيءَ جي مٿن رحمت آهي، سو ئي سندن رهنما ٿيندو، ۽ پاڻيءَ جي چشمن ڏانهن کين وٺي ويندو.


منهنجي قوم مان جيڪي منهنجي عبادت ٿا ڪن، تن جي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن لاءِ اولهہ ۾ شارون جو ميدان، ۽ اوڀر ۾ عڪور جي وادي چراگاهہ بڻبي، جتي اهي چرندا ۽ آرام ڪندا.


’اُٿو تہ هن قوم تي چڙهائي ڪريون، جيڪا بي‌فڪريءَ ۽ اطمينان سان ٿي رهي. اها هڪ اهڙي قوم آهي، جنهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن ۽ نہ در دروازا، نہ ئي وري ڪا ٻي قوم سندن حمايتي آهي.


يروشلم جي وسندي انهن ڏينهن کي ياد پيئي ڪري، جڏهن اها خوشحال هئي. پر هاڻي اها ڏکن ۾ وڪوڙجي ويئي آهي. ان جي رهاڪن تي دشمنن قبضو ڪري کين جلاوطن ڪيو آهي. هاڻي اتي ڪوبہ ڪونهي جيڪو سندس مدد ڪري، ۽ مخالف سندس برباديءَ تي ٽهڪ ڏيئي رهيا آهن.


اي خداوند! تون اسان تي رحم ڪري وري اسان کي پنهنجو ڪر. تون اڳي وانگر اسان کي پنهنجيون نعمتون وري عطا ڪر.


آءٌ اوهان تي انسان توڙي جانور گھڻي انداز ۾ وڌائيندس. اهي گھڻا ٿيندا ۽ وڌندا ويجھندا. آءٌ اوهان کي اڳي وانگر وري آباد ڪندس، بلڪ اڳي کان بہ وڌيڪ اوهان تي احسان ڪندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


سڀني ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين منجھان هر ڏهن جانورن مان هڪڙو مون خداوند جو آهي. جڏهن جانورن جو شمار ڪيو وڃي تڏهن هر ڏهون جانور مون خداوند لاءِ مخصوص ڪيو وڃي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن آءٌ دائود جي بادشاهت جيڪا هڪ ڪري پيل تنبوءَ مثل آهي، تنهن کي وري کڙو ڪندس، انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ ڳري ويل هنڌن جي مرمت ڪندس. آءٌ انهيءَ کي وري اهڙو ئي بڻائيندس جهڙو اڳ ٺهيل هو.


يهوداہ ملڪ جي ڏکڻ پاسي رهندڙ بني اسرائيل ادوم ملڪ تي قبضو ڪندا، اولهہ طرف جبل جي دامن ۾ رهندڙ فلستين جي هٿان کسيل پنهنجي علائقي تي ٻيهر قبضو ڪري وٺندا. اتر طرف بني اسرائيل سامريہ شهر، بلڪ سڄو اسرائيل ملڪ هٿ ڪندا، ۽ اوڀر پاسي بني اسرائيل مان بنيامين قبيلي وارا جِلعاد علائقي تي قبضو ڪري وٺندا.


تڏهن هو خداوند پنهنجي خدا جي قدرت ۽ سندس نالي جي عظمت سان هڪ ريڍار جيان پنهنجيءَ قوم جي سنڀال ڪندو. پوءِ خداوند جي قوم سلامتيءَ سان رهندي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو انهيءَ حڪمران جي عظمت کي ڄاڻي وٺندا.


اهي باقي بچيل بني اسرائيل بڇڙا ڪم نہ ڪندا، هو ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالهائيندا، نہ وري هو ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪندا. هو سڪون سان کائيندا پيئندا ۽ ننڊون ڪندا، ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.“


آءٌ کين مصر توڙي اشور ملڪ مان موٽائي آڻيندس، ۽ کين سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪندس، بلڪ کين جِلعاد ۽ لبنان جي سرزمين ۾ بہ آڻي گڏ ڪندس. اتي هو ايترا تہ وڌي ويندا جو سڄو ملڪ ساڻن ڀرجي ويندو.


سو آءٌ انهيءَ ڌڻ کي رڍن جي واپارين لاءِ چارڻ لڳس، جيڪو ڪوس لاءِ مقرر هو. تڏهن مون ٻہ لٺيون کنيون جن مان هڪڙيءَ کي ”مهرباني“ ۽ ٻيءَ کي ”اتحاد“ سڏيم. اهڙيءَ طرح آءٌ ڌڻ کي چارڻ لڳس.


پوءِ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن جا نذرانا خداوند وٽ قبول پوندا، جهڙيءَ طرح اڳين ڏينهن ۾ قبول پوندا هئا.


آءٌ بني اسرائيل کي جبلن جي چوٽيءَ تان ڏسان ٿو، هائو، ٽڪرين تان منهنجي مٿن نظر پوي ٿي. هيءَ اُها قوم آهي جيڪا اڪيلي رهي ٿي، ۽ ڄاڻي ٿي تہ هوءَ ٻين قومن کان بي مثال قوم آهي.


روبن ۽ جد قبيلي وارن وٽ چوپايو مال تمام گھڻو هو. سو جڏهن انهن يعزير ۽ جِلعاد جي زمين تي نظر ڪئي تہ ڏٺائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لاءِ نهايت سٺو آهي،


’اي بيت‌لحم! يهوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين، ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو، جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“


جيئن آءٌ دنيا جو نہ آهيان تيئن اهي بہ دنيا جا نہ آهن.


سو اي يعقوب جو اولاد! اوهين انهيءَ ملڪ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، جيڪو جھجھي اناج ۽ مئي سان ڀريل آهي، ۽ جنهن تي آسمان مان ماڪ وسندي پيئي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ