Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 6:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اي انسان، هن توکي ڏيکاريو آهي تہ چڱائي ڇا آهي؛ ۽ خداوند توکان ٻيو ڇا ٿو گهري، انهي کان سواءِ تہ تون انصاف ڪرين، رحم کي پيار ڪرين، ۽ پنهنجي خدا سان نماڻو ٿي هلين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 6:8
66 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نہ، مون ابراهيم کي چونڊيو ئي انهيءَ لاءِ آهي تہ هو پنهنجي پٽن ۽ پنهنجيءَ اولاد کي حڪم ڪري تہ اهي منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ حق سچ تي هلن. جيڪڏهن اهي ائين ڪندا تہ آءٌ ابراهيم لاءِ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس جنهن جو مون ساڻس واعدو ڪيو آهي.“


تنهن کان پوءِ حنُوڪ ٽي سؤ سالن تائين خدا جي رفاقت ۾ رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.


تنهن هوندي بہ آشر، منسي ۽ زبولون قبيلي وارن مان ڪن ماڻهن حزقياہ جي پيغام تي ڪنڌ کڻي جھڪايو ۽ يروشلم ۾ اچڻ جو يقين ڏياريو.


پوءِ حزقياہ ۽ يروشلم جا رهاڪو توبهہ‌تائب ٿيا، جنهنڪري خداوند حزقياہ جي ڏينهن ۾ انهن تان سزا ٽاري ڇڏي.


هن جي دعا ۽ سندس دعا جو قبول ٿيڻ، سندس توبهہ‌تائب ٿيڻ کان اڳ ڪيل سڀ گناهہ ۽ نافرمانيون، ۽ هن جا مختلف هنڌن تي ٺهرايل غير معبودن جا پوڄا گھر، سندس يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا کوڙائڻ ۽ ٻين بتن کي ٺهرائڻ، سي سڀ ”غيبدانن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


هن پنهنجي پيءُ منسيءَ وانگر خداوند اڳيان عاجزي نہ ڪئي، بلڪ گناهن مٿان گناهہ ڪندو رهيو.


جيئن تہ تو يروشلم شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جي خلاف منهنجو فرمان ٻڌندي ئي عاجزيءَ وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ منهنجي اڳيان رنو رڙيو آهين، تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


تون عرش عظيم کان سينا جبل تي لهي آئين، ۽ انهن سان اچي ڳالهيون ڪيون. تو انهن کي قاعدا قانون ڏنا، جيڪي سچا ۽ صحيح آهن. تو هنن کي پنهنجا حڪم ڏنا جيڪي چڱا آهن.


آءٌ تنهنجي لافاني شفقت ۽ انصاف جا گيت ڳائيندس. اي خداوند! آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ پيو ڪندس.


اهي ماڻهو بيحد مهربان، رحمدل ۽ نيڪ آهن، بلڪ سچارن لاءِ هو اونداهيءَ ۾ روشنيءَ مثل آهن.


هو فراخدليءَ سان محتاجن کي ڏين ٿا، ۽ سندن سخاوت هميشہ تائين جاري رهندي. بيشڪ انهن کي قوت ۽ عزت ۾ مٿاهون ڪيو ويندو.


اهي هر وقت رحم ڪندي قرض ڏيندا رهن ٿا. سو سندن اولاد سندن لاءِ برڪت ئي برڪت ٿو بڻجي.


پر مون لاءِ اهو چڱو آهي جو آءٌ تو کي ويجھو ٿيان. تو خداوند خدا کي ئي مون پنهنجي پناهہ بڻايو آهي، تان‌تہ آءٌ تنهنجي سڀني ڪيل ڪمن جو بيان ڪريان.


سچائي ۽ انصاف خداوند جي نظر ۾ قربانين کان وڌيڪ افضل آهن.


جيڪي نصيحتون ٻڌايون ويون آهن تن جو حاصل مطلب هي آهي تہ خدا کان ڊڄو ۽ سندس حڪمن تي عمل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هر انسان جو اهو ئي فرض آهي.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين انصاف کي قائم رکو، ۽ سچائيءَ تي عمل ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ جلد ئي اوهان کي ڇڏائڻ لاءِ اچي رهيو آهيان، اوهان کي ڇڏائڻ مان منهنجي سچائي ظاهر ٿيندي.


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.


هن غريبن ۽ محتاجن جو طرف کڻي پنهنجي لاءِ ڀلو ڪيو. اهو ئي تہ خداوند کي سڃاڻڻ آهي.


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رنن‌زالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بي‌گناهہ جو رت وهايو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نہ ئي ڪو زورآور پنهنجي زور تي فخر ڪري، نہ وري دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري،


اسان لاءِ اهو ڪافي آهي جو اسين صبر سان انتظار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اسان کي مصيبتن کان بچائيندو.


آءٌ تنهنجيون ڪيل سڀيئي بدڪاريون معاف ڪري ڇڏيندس. پر تون اهي ياد ڪري پشيمان ٿيندينءَ ۽ شرم وچان وري اڳتي هڪ لفظ بہ نہ ڪڇندينءَ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


وري فرض ڪريو تہ آءٌ ڪنهن بدڪار کي چوان تہ ’تون ضرور مرندين،‘ پر پوءِ هو پنهنجي گناهن کان توبهہ‌تائب ٿي عدل ۽ انصاف موجب زندگي گذاري ٿو.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


سو اي يعقوب جو اولاد! اوهين پنهنجي خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، وفاداريءَ ۽ سچائيءَ تي قائم رهو، ۽ پنهنجي خدا تي هميشہ ڀروسو رکو.


آءٌ رسمي قربانيون نہ ٿو چاهيان، بلڪ اوهين مون سان دلي طرح وفادار هجو. هائو، مون کي رسمي ساڙڻ واريون قربانيون پسند نہ آهن، بلڪ مون کي سچيءَ دل سان سڃاڻو.


تنهن جي ئي ڪري آءٌ بہ سندن خلاف هليس ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم، تنهن لاءِ جڏهن هنن جون نافرمان دليون پشيمان ٿينديون ۽ هو پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا قبول ڪندا،


انهيءَ جي بدران انصاف کي پاڻيءَ وانگر، ۽ سچائيءَ کي سدا وهندڙ نديءَ وانگر وهائيندا رهو.


اها دانائي آهي تہ خداوند کان ڊڄڻ گھرجي. خداوند يروشلم شهر وارن کي مخاطب ٿي چوي ٿو تہ ”ٻڌو، اي شهر ۾ گڏ ٿيڻ وارؤ! منهنجو هي پيغام ٻڌو.


اي ملڪ جا سڀ حليم رهاڪؤ! جيڪي سندس حڪم تي هلندڙ آهيو، سي خداوند جا طالبو رهو. هائو، اوهين سچائيءَ ۽ عاجزيءَ جا طلبگار رهو، تڏهن ٿي سگھي ٿو خداوند جي ڪاوڙ واري ڏينهن تي اوهان کي پناهہ ملي.


”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي ٻين تي رحم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن تي رحم ڪندو.


جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“


ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي فريسيؤ! جو اوهين خدا جي راهہ ۾ ڦودني، سوئن ۽ هر ڪنهن ڀاڄيءَ جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر انصاف ڪرڻ ۽ خدا سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها.


پر عيسيٰ کيس چيو تہ ”ميان! مون کي اوهان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنهن امين مقرر ڪيو آهي؟“


تنهنڪري مهربان ٿيو، جيئن اوهان جو آسماني پيءُ مهربان آهي.“


جيڪڏهن آءٌ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ انهيءَ مان ظاهر آهي تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ شريعت چڱي آهي.


پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آهين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چئي سگھي ٿي تہ ”تو مون کي اهڙو ڇو خلقيو آهي؟“


اي ڀيڻ! ٿي سگھي ٿو جو تون پنهنجي مڙس لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻجين. يا اي ڀاءُ! ٿي سگھي ٿو جو تون پنهنجي زال لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻجين.


هڪٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو.


تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪجو ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪجو.“


ڏسو، اڄوڪي ڏينهن مون اوهان جي اڳيان زندگي ۽ ڀلائي، موت ۽ بڇڙائي ٻئي رکيا آهن.


تنهنڪري جيئن اوهين خدا جا چونڊيل، پاڪ ۽ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ، مهربانيءَ، نِوڙت، نماڻائيءَ ۽ صبر کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.


هاڻ اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي ۽ پنهنجي فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،


اي بي‌وقوفؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آهي؟


يشوع پنهنجي ڳالهہ جاري رکندي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻ اوهين خداوند جو خوف رکو ۽ سچي نيت ۽ وفاداريءَ سان سندس عبادت ڪريو. جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ۽ مصر ۾ پوڄا ڪندا هئا تن کي اوهين اڇلائي ڇڏيو ۽ رڳو خداوند جي عبادت ڪريو.


مطلب تہ اوهين سڀيئي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي گذاريو ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ همدرديءَ، پيار، نرم دليءَ ۽ نماڻائيءَ واري طبيعت اختيار ڪريو.


باقي رهيس آءٌ، سو خدا شل ائين نہ ڪري جو اوهان جي حق ۾ دعا گھُرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گنهگار ٿيان، بلڪ آءٌ اوهان کي چڱي ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ