Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 6:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ بني اسرائيل سوال ڪيو تہ ”جڏهن اسين خدا تعاليٰ جي آڏو سجدو ڪرڻ لاءِ اچون تہ ڪهڙا نذرانا کڻي آڻي سندس حضور ۾ پيش ڪريون؟ ڇا اسين کيس خوش ڪرڻ لاءِ ڀلا ڀلا وهڙا ساڙڻ واري قربانيءَ طور سندس حضور ۾ آڻيون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڪهڙي شيءِ کڻي آءٌ خداوند جي اڳيان اچان، ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان سجدو ڪريان؟ آءٌ سوختني قربانين يا هڪ سالن جي وهڙن سان اچان ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 6:6
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو دائود جِبعونين کي چيو تہ ”آءٌ اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟ ڪهڙيءَ طرح انهيءَ گناهہ جي تلافي ڪريان، تہ جيئن اوهين خداوند جي قوم لاءِ دعا گھرو؟“


خداوند جي ڪيل انهن سڀني مهربانين جي بدلي ۾، آءٌ کيس ڇا ٿو ڏيئي سگھان؟


دنيا جو هر فاني انسان رڳو کيس ئي سجدو ڪندو. بيشڪ خاڪ ۾ وڃي ملڻ وارا سڀ سندس آڏو جھڪندا، هائو، اهي سڀ جيڪي موت کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن.


اچو تہ اسين شڪرگذاري ڪندا انهيءَ جي حضور ۾ حاضر ٿيون، ۽ گيت ڳائيندي هن جي آڏو خوشيءَ جا نعرا هڻون.


اچو تہ اسين جھڪي انهيءَ کي سجدو ڪريون، ۽ پنهنجي خالق خداوند جي آڏو گوڏا کوڙيون.


انهيءَ لاءِ رڍن مان گھيٽو چونڊيو وڃي يا ٻڪرين مان ڇيلو، پر اهو هڪ سال جو، نر ۽ بي‌عيب هئڻ گھرجي.


اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ياد ڪري ملهايو. ابيب مهيني جي مقرر ڪيل وقت تي، جيئن مون اوهان کي حڪم ڪيو آهي، تيئن ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


سچائي ۽ انصاف خداوند جي نظر ۾ قربانين کان وڌيڪ افضل آهن.


لبنان جي ٻيلن جا سمورا جانور خدا لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ واسطي ناڪافي آهن، ۽ انهن ٻيلن جا سمورا وڻ انهيءَ جي ٻارڻ لاءِ ناڪافي آهن.


مون کي ان لوبان جي ڪهڙي پرواهہ آهي جيڪو شبا ملڪ مان ٿو آندو وڃي، ۽ انهن مصالحن جي ڪهڙي پرواهہ اٿم، جيڪي منهنجي لاءِ ڏورانهن ملڪن مان آندا ٿا وڃن؟ هنن جا ساڙڻ وارا نذرانا قابلِ قبول ناهن، نہ ئي وري سندن جانورن جون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.


جڏهن ملڪ جو عوام مقرر ڪيل عيدن تي مون خداوند آڏو سجدو ڪرڻ لاءِ هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ اچي تہ پوءِ انهن مان جيڪي اتر واري ٻاهرين لنگھہ کان اندر آيا هجن سي سجدي ڪرڻ کان پوءِ ڏکڻ واري ٻاهرين لنگھہ کان ٻاهر نڪري وڃن ۽ جيڪي ڏکڻ واري ٻاهرين لنگھہ کان اندر آيا هجن، سي اتر واري ٻاهرين لنگھہ کان ٻاهر نڪري وڃن. مطلب تہ جيڪو جنهن لنگھہ کان اندر آيو هجي سو ساڳئي لنگھہ کان ٻاهر نہ نڪري وڃي بلڪ پنهنجي سامهون واري لنگھہ کان ٻاهر نڪري هليو وڃي.


پوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري جي منهن وٽ ويجھو اچي پڪاري چيو تہ ”اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، خدا تعاليٰ جا ٻانهؤ! ٻاهر نڪري اچو.“ تڏهن اهي ٽيئي باهہ منجھان نڪري ٻاهر آيا.


’اي بيلطشضر، جادوگرن جا سردار! مون کي خبر آهي تہ تو ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي ۽ ڪابہ راز جي ڳالهہ تنهنجي لاءِ مشڪل نہ آهي. سو جيڪو خواب مون لڌو آهي، سو ٻڌ ۽ انهيءَ جو تعبير مون کي ٻڌاءِ.


اي بادشاهہ! خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي، عظمت، عزت ۽ حشمت عطا ڪئي هئي.


هن کي انسانن منجھان هڪالي ڪڍيو ويو ۽ سندس انساني سوچ بدلائي جانورن جهڙي ڪئي ويئي. هو گورخرن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ڍورن وانگر گاهہ کائيندو هو ۽ سندس بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسيل رهندو هو. اهو تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين هن قبول نہ ڪيو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو ۽ جنهن کي هو چاهي تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.


هو پنهنجي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جون قربانيون ڪري، مون خداوند کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، پر آءٌ ساڻن راضي نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ مون کانئن منهن موڙي ڇڏيو آهي.


هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون، ۽ اناج جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ آءٌ اُهي بہ قبول نہ ڪندس. نڪي آءٌ اوهان جي ٿلهن متارن جانورن جي سلامتيءَ واري قربانيءَ تي ئي ڪو ڌيان ڏيندس.


هڪ دفعي هڪ ماڻهو عيسيٰ وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”اي استاد! آءٌ ڪهڙو چڱو ڪم ڪريان جو دائمي زندگي ملي؟“


سو ضروري آهي تہ انسان انهيءَ کي ئي پوريءَ دل، پوريءَ سمجھہ ۽ پوريءَ طاقت سان پيار ڪري ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان بہ پاڻ جهڙو پيار ڪري. اهو جانورن جي قرباني ڪرڻ يا قربان‌گاهہ تي خدا جي خدمت ۾ ٻيون شيون نذر ڪرڻ کان بہ وڌيڪ سٺو آهي.“


۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“


تنهن کان پوءِ شريعت جو هڪڙو عالم اُٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪري سگھان؟“


عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين مون کي انهيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوهان معجزن جو مطلب سمجھي ورتو آهي، پر انهيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوهان مانيون کائي ڍءُ ڪيو آهي.


هوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي رڙيون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”هي ماڻهو خدا تعاليٰ جا ٻانها آهن، جيڪي اوهان کي ڇوٽڪاري جو رستو ٿا ٻڌائين.“


پوءِ هن کين ٻاهر ڪڍيو ۽ عرض ڪندي چوڻ لڳو تہ ”سائين! آءٌ ڇا ڪريان جو ڇوٽڪارو ملي؟“


جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تہ اها ڳالهہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي. سو هنن پريشان ٿي پطرس ۽ ٻين سڀني رسولن کي چيو تہ ”ڀائرؤ! اسين هاڻي ڇا ڪريون؟“


انهيءَ سبب آءٌ آسمان توڙي زمين تي هر هڪ خاندان کي سڃاڻپ بخشيندڙ آسماني پيءُ جي آڏو سجدو ڪندي


شريعت موجب هر هڪ ڪاهن روزانو بيهي ديني خدمت ٿو ڪري ۽ هر هر ساڳيون ئي قربانيون ٿو چاڙهي، جيڪي ڪڏهن بہ گناهن کي مِٽائي نہ ٿيون سگھن.


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ