Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 6:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اي يروشلم وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري ۽ سندس پٽ بادشاهہ اخي‌اب جي گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي. جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو، تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ڇالاءِ جو عمريءَ جا قاعدا، ۽ اخي اب جي گهراڻي جا سڀ ڪم اوهين ڪريو ٿا، ۽ اوهين انهن جي صلاح مصلحتن تي هلو ٿا: انهي لاءِ تہ آءٌ توکي ويران ڪريان، ۽ ان جي رهاڪن کي شوڪار جو باعث بنايان؛ ۽ اوهين منهنجي قوم جي ملامت کڻندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 6:16
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اخي‌اب جي زال ايزبل خداوند جي نبين کي مارايو ٿي، تڏهن عبدياہ هڪ سؤ نبين کي ٻن غارن ۾ لڪايو هو، هر هڪ غار ۾ پنجاهہ پنجاهہ ڄڻا هئا. هن انهن کي اتي کاڌو پيتو بہ پئي ڏنو.


انهيءَ وقت هيءَ هيڪل اهڙيءَ طرح تہ ڊاهي ويندي جو جيڪي انهيءَ وٽان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪري چوندا تہ ’خداوند هن ملڪ سان ۽ هن هيڪل سان ائين ڇو ڪيو آهي؟‘


اٽلندو هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستن تي هليو. جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو، تن جي ڪراهت جهڙين ريتن رسمن تي عمل ڪندي هن پنهنجي پٽ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪيو.


هن اهي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن وارا پوڄا گھر وري تعمير ڪرايا، جيڪي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيا هئا. هن بعل ديوتا لاءِ پڻ قربان‌گاهون ٺهرايون ۽ يسيرہ ديويءَ جو هڪڙو ٿنڀو بہ ٺهرايائين، جهڙيءَ طرح اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ڪيو هو. هن آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا بہ ڪئي.


هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا، ڇاڪاڻ تہ سندس پيءُ جي مرڻ کان پوءِ اخي‌اب جي گھراڻي وارن کيس بڇڙيون صلاحون ڏيئي برباد ڪيو.


انهيءَ ڪري جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪيون اٿن، ۽ پنهنجي ئي اعمالن سان مون کي ڪاوڙايو اٿن، تنهنڪري منهنجو قهر يروشلم تي نازل ٿيندو جيڪو هرگز جھڪو نہ ٿيندو.


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي برن جي صلاح تي نہ ٿا هلن. هو گنهگارن جي راهہ تي قدم نہ ٿا رکن، نڪي اهي ڪڏهن ٽوڪبازن جي محفل منجھہ ويهن ٿا.


تو اسان تي غير قومن کان طعنا هڻايا آهن. هائو، آس‌پاس رهندڙ اسان تي ٺٺوليون ۽ چٿرون ٿا ڪن.


تو اسان کي قومن منجھہ پهاڪي جو سبب بڻايو آهي، جن ۾ اسين کلڻ‌هاب بڻيا آهيون.


هائو، قادرِمطلق خداوند موت کي هميشہ لاءِ ماري مات ڪري سڀني جي اکين مان ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. هو سڄيءَ دنيا مان پنهنجي قوم جي خواري مِٽائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.


بلڪ هن قوم جا سڀ رهنماءَ ئي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن. هائو، هو پنهنجي پيروي ڪندڙن کي مونجھاري ۾ ٿا وجھن.


آءٌ هن شهر کي اجاڙي ڇڏيندس ۽ ان کي ڦٽڪار واري شيءِ بڻائيندس. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


شروعات مون يروشلم شهر ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، انهيءَ جي بادشاهن ۽ عملدارن کان ڪئي، تان‌تہ اهي شهر ويران ٿي حيرت، ڪراهت ۽ لعنت جو سبب بڻجن، جيئن اهي اڄوڪي ڏينهن آهن.


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا کي سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندس ۽ کين ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن قومن ۾ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس تن سڀني ۾ هو لعنت، عبرت، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا.


اوهين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ذليل ٿيا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي بي‌عزتي ڪئي ويئي آهي. جيئن تہ ڌاريا خداوند جي مقدس هيڪل اندر گھڙي ويا آهن، تنهنڪري شرم کان اسان جا ڪنڌ جھڪيل آهن.‘


پر هنن منهنجي اها ڳالهہ نہ ٻڌي ۽ نہ ڪو ڌيان ئي ڏنائون، اُٽلندو هو پنهنجي بڇڙي دل جي هوڏ تي هليا. اهڙيءَ طرح اهي سڌرڻ بجاءِ وڌيڪ بڇڙا ٿي ويا.


اي اسان جا خداوند! اسان تي جيڪي مصيبتون آيون، تن تي تون غور ڪر. اسان تي نظر ڪري ڏس تہ ڪيئن نہ اسان کي خوار خراب ڪيو پيو وڃي.


تنهن کان پوءِ هو پنهنجي وطن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان رهندا ۽ کين ڪوبہ ڪونہ ڊيڄاريندو. مگر ان وقت هو ڏاڍا شرمندا ٿيندا، جڏهن کين پنهنجا بڇڙائيءَ وارا ڪم ۽ منهنجي نالي جي بي‌ادبي ياد ايندي.


اي رب! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي سچائيءَ سان ڪيل ڪمن موجب، پنهنجي ڪاوڙ، پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان يعني پنهنجي پاڪ جبل صيئون تان ٽاري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ اسان جي گناهن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي ڪري يروشلم ۽ تنهنجي قوم پنهنجي سڀني آس‌پاس وارن جي طعنن جو سبب بڻي آهي.


پر اوهان اسرائيل وارن پنهنجن بڇڙن ڪمن ڪري مون کي سخت غصو ڏياريو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجين بڇڙاين سبب موت جي لائق آهيو. اوهان جيڪي بہ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن، سي آءٌ خداوند موٽائي اوهان تي آڻيندس.“


اسرائيل وارن تي جيڪو ظلم ٿيو آهي، سو سندن لاءِ هڪ سزا آهي، ڇاڪاڻ تہ انهن سرڪشي ڪري مون خداوند جي بجاءِ ٻين کان مدد گھُري، جيڪي سندن مدد ڪري نہ ٿا سگھن.


اهي امير مون کي ڇينڀيندي چون ٿا تہ ”اسان کي نہ ڊيڄار! هائو، اڳڪٿيون ڪري اهڙيون ڳالهيون نہ ڪر، خداوند اسان کي خوار خراب نہ ڪندو.


تنهنڪري اوهان جي گناهن سبب آءٌ بہ اوهان کي موتمار زخم رسائي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس.


پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهين انهيءَ عورت ايزبل کي پاڻ وٽ برداشت ڪريو ٿا جيڪا پاڻ کي نبياڻي سڏائي ٿي. اها منهنجي ٻانهن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ