ميڪاہ 6:14 - Muslim Sindhi Bible14 اوهين کائيندا، پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو، بلڪ اوهان جو پيٽ بکيو ئي رهندو. اوهين ڪفايت ڪري ميڙيندا، پر اوهان وٽ بچندو ڪجھہ بہ ڪونہ. هائو، اوهان جي هر بچائي رکيل شيءِ آءٌ جنگ ۾ تباهہ ڪري ڇڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 تون کائيندين پر ڍءُ نہ ٿيندءِ تنهنجي حقارت تنهنجي وچ ۾ ٿيندي: تون لڪائيندين پر بچائي نہ سگهندين، ۽ جيڪي تون بچائيندين سو آءٌ ترار جي حوالي ڪري ڇڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي.