11 ڇا اهڙين ٺڳيءَ وارين تارازين ۽ کوٽن وٽن جا ٿيلها رکڻ وارن کي آءٌ خداوند وساري ڇڏيان؟
11 کوٽي ساهمي ۽ کوٽن تورن جي ڳوٿريءَ سان آءٌ ڪو پاڪ ٿي سگهندس ڇا؟
ماپ تور ۾ بيايمانيءَ کان خداوند کي نفرت آهي، مگر صحيح تور کي هو پسند ٿو فرمائي.
تور ۽ ماپ ۾ ايمانداريءَ کي خداوند پسند ٿو ڪري، هائو، سچائيءَ سان واپار ڪرڻ ۾ هو خوش ٿو ٿئي.
ماپ ۽ تور ۾ بيايماني ڪرڻ کان خداوند کي نفرت آهي.
سو جڏهن بني اسرائيل پنهنجي وطن ۾ موٽي ايندا، تڏهن حڪمران اهڙا قاعدا قانون جوڙين جن مطابق ايمانداريءَ سان ماپ ۽ تور ڪئي وڃي.
اسرائيل وارا هڪ اهڙي واپاريءَ جيان آهن، جنهن جي هٿ ۾ ٺڳيءَ واري تارازي هجي، هائو، اهي سدائين ڪنهن جو حق کسڻ کي پسند ٿا ڪن.
اوهان جون تارازيون، وٽ ۽ ماپا بلڪل صحيح هجن. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.
اوهين دل ۾ چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿا پاڪ ڏينهن پورا ٿين، تہ جيئن اسين اناج وڪڻون؟“ يا وري هيئن چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿو سبت جو ڏينهن پورو ٿئي، تہ جيئن اسين ڪڻڪ ٻاهر ڪڍي ڪوڙن وٽن ۽ تارازين ذريعي ٺڳي ڪري وڌايل قيمتن تي وڪڻون؟“
ملائڪ چيو تہ ”اها ئي بڇڙائي آهي.“ پوءِ هن انهيءَ عورت کي گُندڙي ۾ هيٺ ڌڪي شيهي جو ڍڪ مٿان ڏيئي ڇڏيو.
اوهين پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ هڪڙي ئي وزن جا ٻہ مختلف وٽ، يعني هڪڙا ننڍا ۽ ٻيا وڏا نہ رکجو.