Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 5:15 - Muslim Sindhi Bible

15 بلڪ آءٌ پنهنجو قهر وَ غضب نازل ڪري انهن قومن کان بدلو وٺندس، جن منهنجي نافرماني ڪئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ آءٌ غصي ۽ ڪاوڙ جي جوش ۾ انهن قومن کان وير وٺندس جن منهنجي نہ ٻڌي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 5:15
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ جيئن اهي غير قومن کان بدلو وٺن، ۽ انهن کي سزائون ڏين.


تنهنڪري اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا يروشلم جي رهاڪن کي فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اوهان لاءِ، اي منهنجا مخالفؤ! آءٌ ضرور اوهان کان بدلو وٺندس. اوهين منهنجا دشمن آهيو، هاڻي اوهين مون کي وڌيڪ تڪليف ڏيئي نہ سگھندا.


اوهان سڀني کي ڪُٺو ويندو، جڏهن آءٌ اوهان کي ڳڻي ڳڻي تلوار جي حوالي ڪندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن اوهان ڪو جواب نہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان ڪو ڌيان نہ ڏنو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو اوهان پسند ڪيو.


جيتوڻيڪ اهي مختلف قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ اهي ائين حملو ڪندا، جيئن ڪو خوفناڪ شينهن جھنگلي جانورن يا رڍن جي ڌڻ ۾ ڪاهي پوندو آهي. جڏهن اهو ڌڻ ۾ گھڙي پوندو آهي تڏهن رڍن کي چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو نہ هوندو آهي.


اي دنيا جي مخلوق! خداوند جو مقدمو ٻڌو. اي خداوند! اچي پنهنجي قوم خلاف شڪايت ائين ٻڌاءِ جو جبل ۽ ٽڪر تنهنجو آواز ٻڌن.


۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري خدا کي ٿا ڄاڻين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ