Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 5:13 - Muslim Sindhi Bible

13-14 آءٌ اوهان جون تراشيل مورتيون، ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر، ۽ يسيرہ نالي اوهان جي ديويءَ جا کوڙيل بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. بلڪ آءٌ اوهان جا بت‌پرستيءَ وارا شهر بہ ناس ڪري ڇڏيندس. اوهين اڳتي وري ڪڏهن بہ پنهنجي هٿن سان جوڙيل شين جي پوڄا نہ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ آءٌ تنهنجون اُڪريل مورتون ۽ تنهنجا ٿنڀ تنهنجي وچ مان ڀڃي ڇڏيندس، ۽ تون اڳتي وري پنهنجن هٿن جي جوڙيل شين جي عبادت نہ ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 5:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان جي باوجود هنن جو ملڪ بتن سان ڀريل آهي، اهي پنهنجن هٿن سان ٺاهيل انهن شين جي پوڄا ٿا ڪن.


پر بني اسرائيل جي ڏوهن ۽ گناهن کي پوريءَ طرح معاف ڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي رستو آهي، تہ اهي غير معبودن جي قربان‌گاهہ جا سڀ پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين، ۽ يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ لوبان ساڙڻ وارين قربان‌گاهن جو نالو نشان بہ نہ رهڻ ڏين.


هو تنهنجي گھرن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندا ۽ عورتن جا ميڙ پنهنجي اکين سان تو کي سزا کائيندي ڏسندا. پوءِ تون زناڪاري ڪري نہ سگھندينءَ ۽ نہ وري اڳتي پنهنجي يارن کي خرچي ڏيئي سگھندينءَ.


آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.


پوءِ اهي بتن جي پوڄا، ڪراهت جهڙن ڪمن ۽ ڪنهن بہ بدڪاريءَ سان پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن بہ پليت نہ ڪندا. آءٌ سندن گناهہ ڌوئي کين پاڪ ڪري ڇڏيندس ۽ هر انهيءَ شيءِ کان انهن کي پري رکندس، جيڪا کين پليت ڪري. اهڙيءَ طرح هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.


جتي اهي جلاوطن ٿي رهندا. پوءِ جڏهن هو منهنجي باري ۾ سوچيندا تہ محسوس ڪندا تہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪندي ۽ بتن جي پوڄا ڪندي منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. تڏهن اهي پنهنجي ڪيل ڪراهت جهڙن ڪمن سبب پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندا.


جيئن تہ هو دغاباز ۽ بي‌وفا ٿي ويا آهن، تنهنڪري هو انهيءَ جي سزا ڀوڳيندا، خدا سندن اهي قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏيندو، ۽ سندن بتن جا ٿنڀا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو.


اشور جو لشڪر اسان کي بچائي نہ سگھندو، نڪي جنگي گھوڙا اسان کي بچائي سگھندا. هاڻي اسين پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن کي وري نہ چونداسين تہ ’اوهين اسان جا خدا آهيو،‘ بيشڪ اي خداوند! تون ئي آهين، جيڪو اسان يتيمن تي رحم ڪري سگھين ٿو.“


تڏهن اسرائيل وارا هيئن چوندا تہ ’هاڻي اسان جو بتن سان ڪهڙو واسطو؟‘ آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس، ۽ سندن حفاظت ڪندس. آءٌ هنن لاءِ هميشہ سرسبز وڻ جهڙو ٿيندس، ۽ هو مون مان هر وقت جھجھو ڦل حاصل ڪندا.“


خداوند نينواہ جي باري ۾ فرمان جاري ڪري ٿو تہ ”اي نينواہ! تون بلڪل نيچ آهين، تنهنجي رهاڪن مان ڪوبہ باقي نہ بچندو. آءٌ تنهنجي معبودن جي گھرن ۾ رکيل اُڪريل مورتين ۽ پلٽيل بتن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي قبر تيار ڪريان ٿو.“


آءٌ خداوند پنهنجو هٿ يروشلم جي رهاڪن خلاف، بلڪ سڄي يهوداہ وارن خلاف کڻندس. آءٌ هن هنڌان بعل جي باقيات کي فنا ڪري ڇڏيندس، بلڪ آءٌ انهن ڪاهنن جي نالن کي پڻ مِٽائي ڇڏيندس جيڪي بعل جي بت‌پرستي بہ ڪرائين ٿا.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بتن جو نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس ۽ اڳتي انهن کي ڪوبہ ياد نہ ڪندو. آءٌ نبي سڏائيندڙن کي بہ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس ۽ ماڻهن جي دلين مان ناپاڪ خواهشن کي ختم ڪري ڇڏيندس.


جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.


تڏهن ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ وارا اهي پنج ماڻهو گھر ۾ اندر ويا ۽ اهو اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل بت، مجسمو ۽ ننڍڙا بت کنيائون، جڏهن تہ ڪاهن انهن ڇهہ سؤ ماڻهن وٽ بيٺو هو، جيڪي جنگ جا هٿيار ٻڌيو گھر جي ٻاهرين دروازي وٽ بيٺا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ