Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 5:12 - Muslim Sindhi Bible

12 آءٌ اوهان مان جادوگريءَ وارا ڪم ختم ڪري ڇڏيندس، ۽ نہ وري اڳتي اوهان ۾ ڪو فال وجھندڙ ئي رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ آءٌ تنهنجن هٿن مان جادوگريون وڍي ڇڏيندس، ۽ تو وٽ اڳتي وري ڪي بہ فال وجهندڙ نہ رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 5:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڏينهن ماڻهو پنهنجيون سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون، جيڪي هنن پنهنجي پوڄڻ لاءِ بڻايون هيون، سي ويرانن ۾ اڇلائي ڇڏيندا، جن ۾ ڪوئا ۽ چمڙا پنهنجا گھر ڪري ويهندا.


پر بني اسرائيل جي ڏوهن ۽ گناهن کي پوريءَ طرح معاف ڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي رستو آهي، تہ اهي غير معبودن جي قربان‌گاهہ جا سڀ پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين، ۽ يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ لوبان ساڙڻ وارين قربان‌گاهن جو نالو نشان بہ نہ رهڻ ڏين.


هاڻ ساڳي ئي ڪاٺ جي باقي حصي مان هو پنهنجي لاءِ معبود يعني اُڪريل مورتيون ٺاهين ٿا ۽ انهن جي اڳيان جھڪي کين سجدو ڪن ٿا. پوءِ وري انهن جي پوڄا ڪري کانئن دعا گھري چون ٿا تہ ”مون کي ڇڏاءِ، ڇاڪاڻ تہ تون منهنجو خدا آهين.“


هو تنهنجي گھرن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندا ۽ عورتن جا ميڙ پنهنجي اکين سان تو کي سزا کائيندي ڏسندا. پوءِ تون زناڪاري ڪري نہ سگھندينءَ ۽ نہ وري اڳتي پنهنجي يارن کي خرچي ڏيئي سگھندينءَ.


آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي سندن گناهن ۽ ناپاڪائيءَ کان ڌوئي پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪڙو چشمو جاري ٿيندو.


پوءِ موسيٰ چيو تہ ”جن قومن کي اوهين بيدخل ڪندا، سي قسمت جو حال ٻڌائيندڙن ۽ غيب جون ڳالهيون ڪرڻ وارن جي پيروي ڪن ٿيون. پر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ائين ڪرڻ جي اجازت نہ ٿو ڏئي.


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا.


پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بت‌پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ