Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 4:13 - Muslim Sindhi Bible

13 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جا رهاڪؤ! اُٿو ۽ پنهنجي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيو. آءٌ اوهان کي اهڙي ڏاند وانگر مضبوط بڻائيندس، جنهن کي لوهہ جا سڱ ۽ پتل جا کُر هجن. اوهين گھڻين ئي قومن کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا، ۽ انهن جو مالِ‌غنيمت مون خداوند لاءِ وقف ڪندا. هائو، اوهين انهن جي دولت مون رب‌العالمين جي حضور ۾ آڻي پيش ڪندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 اي صيون جي ڌيءَ، اُٿي ڳاهہ: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي سڱ کي لوهہ وانگر ڪندس ۽ تنهنجي کرن کي پتل، ۽ تون گهڻين قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندينءَ، ۽ انهن جو مال خداوند جي نذر ڪندينءَ ۽ انهن جي دولت سڄي زمين جي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪندينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 4:13
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون آهن. هائو، هي جهان ۽ ان جا رهاڪو سڀ خداوند جا ئي آهن.


اها ئي قدرت تون هيڪل مان ظاهر ڪر، جيڪا يروشلم ۾ آهي، جتي بادشاهہ تنهنجي لاءِ نذرانا ٿا آڻين.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ هن لاءِ نذرانا آڻيندا. صبا ۽ شبا ملڪن جا بادشاهہ هن لاءِ سوغاتون آڻيندا.


انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.


اي منهنجي مظلوم قوم بني اسرائيل! بيشڪ اوهين ڪڻڪ جي فصل وانگر ڳاهيا ويا آهيو. پر هاڻي اوهان جي لاءِ هڪڙي خوشخبري آهي، جيڪا قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان مون ٻڌي آهي.


پر انهيءَ جي تجارت ۽ اُجوري واري رقم خداوند جي لاءِ مخصوص هوندي. اها ڪنهن بہ خزاني ۾ ميڙي گڏ ڪري نہ رکي ويندي، بلڪ انهيءَ جي تجارت جو نفعو خداوند جي عبادت ڪندڙ قوم لاءِ ئي هوندو، تان‌تہ اهي ڍءُ ڪري کائين پيئن ۽ عمدي پوشاڪ پهرين.


انهن جا تير تکا آهن، ۽ سندن تيرڪمانن تي زِهُون چڙهيل آهن. انهن جي گھوڙن جا سنب لوهہ جهڙا سخت آهن، ۽ سندن گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي وانگر تيز آهن.


خداوند چوي ٿو تہ ”اي بابل! تون منهنجو هٿوڙو هئين، تنهنجي ذريعي مون قومن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. هائو، تون جنگ جي لاءِ منهنجو هٿيار هئين، تنهنجي ذريعي مون بادشاهتون ناس ڪري ڇڏيون.


بابل شهر وارا اناج جي انهيءَ ول وانگر آهن، جنهن کي سندن دشمن ڳاهي ناس ڪرڻ وارا آهن، هائو، انهن جي لڻڻ جو وقت اچي پهتو آهي. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“


توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“


اسرائيل وارا هڪ سيکاريل وهڙي مثل هئا، جيڪو وهڙو اَن ڳاهڻ لاءِ بلڪل تيار هو، سو مون ان جي مضبوط ڳچيءَ ۾ هڪڙي پاڃاري وڌي، تہ جيئن اسرائيل وارا هر هلائين، ۽ يهوداہ وارا ساهر گھمائي ڀتر ڀڃن.


بني اسرائيل جا تباهيءَ کان باقي بچي ويل ماڻهو، جيتوڻيڪ گھڻين ئي قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ خداوند انهن کي طاقت ڏيئي ائين قائم رکندو، جيئن ماڪ ۽ مينهن ڌرتيءَ کي تازگي ڏيندا آهن. اهي خدا تي ئي توڪل رکندا، نہ ڪنهن انسان تي.


پنهنجي غضب مان تون ڌرتيءَ وچان لنگھي ويو هئين، ۽ پنهنجي قهر وچان تو قومن کي ڳاهي ڇڏيو هو.


انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي اڳواڻن کي ايڏو طاقتور بڻائيندس جو هو پنهنجي آس‌پاس وارين سڀني قومن کي ڳڙڪائي ويندا. هائو، اهي اڳواڻ دشمنن لاءِ ڪاٺين جي کوڙ ۾ ٻرندڙ شعلي وانگر ۽ اناج جي ول جي گڏن ۾ باهہ لڳائيندڙ مشعل وانگر ٿيندا. جڏهن تہ يروشلم پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن قائم رهندو.


تڏهن هن ٻڌايو تہ ”هي انهن ٻن شخصن ڏانهن اشارو آهي، جن کي رب العالمين جي خاص خدمت لاءِ مسح ڪري مخصوص ڪيو ويو آهي.“


ان ملائڪ مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اهي چار آسماني هوائون آهن، جيڪي رب العالمين جي حضوريءَ مان نڪتيون ٿيون اچن.


هر آچر جي ڏينهن تي اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪمائيءَ آهر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منهنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي.


شال سندن شهرن جي درن ۾ لوهہ ۽ پتل جا گز لڳل هجن، تان‌تہ اهي هميشہ هميشہ تائين محفوظ رهن.“


سموري چاندي، سون ۽ اُهي ٿانوَ جيڪي پتل ۽ لوهہ منجھان ٺهيل آهن سي خداوند لاءِ مخصوص آهن. اهي خداوند جي خزاني ۾ جمع ڪيا ويندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ