Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 1:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هاڻي اي يهوداہ وارؤ! اوهين مورست‌جات شهر کي الوداع چئي هليا ويندا. اسرائيل جا بادشاهہ اڪزيب شهر وارن جي مدد کان مايوس ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تنهنڪري تون مورست جات کي طلاق ڏيندين: اڪذيب جا گهراڻا اسرائيل جي بادشاهن سان دغابازي ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 1:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن موآبين کي پڻ شڪست ڏني ۽ انهن کي زمين تي قطار ۾ سمهاري رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين. هر ٻن رسين جي ماپ وارا ماڻهو هن مارائي ڇڏيا ۽ ٽين رسيءَ جي ماپ وارا جيئرا ڇڏي ڏنائين. اهڙيءَ طرح موآبي دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا.


آخز خداوند جي گھر مان ۽ شاهي محل جي خزانن مان سون ۽ چاندي تحفي طور اشور جي شهنشاهہ ڏانهن ڏياري موڪليو.


سڀيئي انسان پوءِ ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ، سي بي‌بقا ۽ رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن. جيڪڏهن اهي تارازيءَ ۾ توريا وڃن تہ بلڪل ئي هلڪا نڪرن. هائو، اهي سڀ جو سڀ هڪ ڦوڪ کان بہ هلڪا آهن.


ڏاکڻي بيابان جي جانورن بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جا ايلچي اهڙي خطرناڪ ۽ مصيبت واري بيابان مان سفر ٿا ڪن، جنهن ۾ ببر شينهن ۽ ڪاريهر ۽ اڏامندڙ زهريلا نانگ آهن. اهي پنهنجي گڏهن ۽ اٺن جي پٺين تي قيمتي تحفا ۽ پنهنجا خزانا هڪڙي اهڙي قوم ڏانهن کڻي ٿا وڃن، جنهن مان کين ڪوبہ فائدو نہ رسندو.


ڇو منهنجو ڏک سور ختم ئي نہ ٿو ٿئي هائو، منهنجي دل جو زخم سخت ۽ لاعلاج ڇو آهي؟ ڇا تون منهنجي لاءِ انهيءَ فريب ڏيندڙ نهر وانگر ٿيندين، جنهن وٽ آءٌ اڃ اجھائڻ لاءِ اچان، پر منجھس پاڻي ئي نہ ڏسان؟“


قعيلہ، اڪزيب ۽ مريسہ، ڪل نَوَ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ