Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 1:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اي يهوداہ وارؤ! اوهين جات شهر وارن اسان جي دشمنن کي پنهنجي ملڪ تي اچڻ واري مصيبت بابت نہ ٻڌايو، اهي اوهان کي روئندي پٽيندي نہ ڏسن. تنهن هوندي بہ اوهين پنهنجي مصيبت جو اظهار اهڙيءَ طرح ڪندا جهڙا اوهان جي ڳوٺن جا نالا آهن، جهڙوڪ: اي بيت‌افرہ وارؤ! اوهين مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 جات ۾ انهي جي خبر نہ ڏيو، بلڪل نہ روئو، بيت عفرہ ۾ آءٌ مٽيءَ ۾ ليٽيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 1:10
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪوبہ ماڻهو اها خبر فلستيءَ جي شهر جات ۾ نہ ٻڌائي، نڪي ڪو اسقلون جي گھٽين اندر اها پڌري ڪري، متان فلستين جون ڌيئرون اها ڳالهہ ٻڌي خوشيون ملهائين، هائو، متان اڻ‌طهريلن جون ڌيئرون شادمانا ڪن.


سو ايوب انهيءَ حالت ۾ اُٿي وڃي خاڪ ۾ ويٺو، جتي هڪڙي ٺڪريءَ سان پاڻ کي پيو کرڙيندو هو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! کٿا ڍڪيو، ۽ خاڪ تي ليٿڙيون پايو، زاروزار روئو ۽ رڙو، جيئن ڪنهن سڪيلڌي پٽ لاءِ روئبو آهي، ڇاڪاڻ تہ تباهہ ڪندڙ اوچتو اچي اوهان تي ڪڙڪندو.“


هن کي ٻاڏائيندي زمين تائين منهن جھڪائڻ گھرجي، تہ من اميد آسري جي ڪا صورت نڪري.


تنهنڪري جيڪو سياڻو آهي سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاري ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو خراب وقت آهي.


جڏهن مئل ماڻهوءَ جا ڪي مائٽ سندس لاش گھر مان کڻڻ لاءِ ايندا، تڏهن جيڪو گھر جي اندرين حصي ۾ مرڻ کان بچي ويل هوندو، تنهن کان پڇندا تہ ”ڪو ٻيو بہ تو سان گڏ آهي ڇا؟“ جڏهن ورندي ملندن تہ ”نہ،“ تڏهن کيس چوندا تہ ”خاموش رهجانءِ. خداوند جو نالو بہ نہ وٺجانءِ متان مصيبت وري موٽي اچي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ