Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:37 - Muslim Sindhi Bible

37 تنهنڪري هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ فصل تہ بيشڪ ڀلو آهي، پر پورهيت ٿورا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

37 تنهنڪري هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 تنھنڪري پنھنجن شاگردن کي چيائين تہ ”فصل تہ ڏاڍو ڀلو ٿيو آھي پر ان کي لڻندڙ ٿورا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:37
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي ڌڻيءَ جي حڪم مطابق عورتن جي وڏي انبوہ هيءَ خوشخبري ٻڌائي پئي تہ


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪو باغ جو مالڪ صبح جو سوير انهيءَ لاءِ ٻاهر نڪتو تہ پنهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪي مزدور بيهاري.


تنهنڪري اوهين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انهن کي منهنجا پوئلڳ بڻايو. انهن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو


تنهنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي.“


پوءِ هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين سڄيءَ دنيا ۾ وڃي پوري انسانذات ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريو.


هن کين هدايت ڪئي هئي تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن. تنهنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي.


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي تبليغ ڪئي ويندي.


اتي رات جو پولس رويا ڏٺي جنهن ۾ مڪدُنيا صوبي جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري کيس چوي پيو تہ ”سائين! پار ٽپي مڪدُنيا ۾ اچو ۽ اسان جي مدد ڪريو.“


جيئن تہ آءٌ تو ساڻ آهيان، سو ڪوبہ ماڻهو حملو ڪري تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو، ڇو تہ هن شهر ۾ منهنجا گھڻا ئي ماڻهو آهن.“


مطلب تہ اسين خدا جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ خدمتگار آهيون، جڏهن تہ اوهين خدا جي پوک آهيو. اوهين خدا جي عمارت پڻ آهيو.


اسين جيڪي خدا جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ خدمتگار آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوهان تي ٿيو آهي سو اجايو نہ وڃايو،


يسوع جنهن کي يوستُس ڪري سڏيندا آهن، سو بہ اوهان کي سلام چوي ٿو. مسيح تي ايمان رکندڙ يهودين مان رڳو اهي ٽي ماڻهو آهن، جن مون سان گڏجي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ پئي ڪئي آهي. اهي منهنجي گھڻي تسليءَ جو سبب بڻيا آهن.


جيڪي اڳواڻ ڪليسيا جي چڱيءَ طرح سنڀال ٿا ڪن، خاص ڪري اهي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم محنت سان ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھيا وڃن.


ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ