Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:30 - Muslim Sindhi Bible

30 تڏهن اهي ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ عيسيٰ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”متان اها ڳالهہ ڪنهن کي ٻڌايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تڏهن هنن جون اکيون کُلي پيون، ۽ يسوع تاڪيد ڪري چين، تہ ڏسو، متان ڪنهن کي خبر پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 تڏهن اهي ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ يسوع کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”متان اها ڳالهہ ڪنهن کي ٻڌايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 تڏھن انھن جي ديد موٽي آئي. پوءِ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيائين تہ ”متان اھا ڳالھہ ڪنھن کي ٻڌايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:30
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند ئي انڌن جون اکيون کولي ٿو، ۽ جيڪي مشڪلاتن ۾ وڃيو ڪرن ٿا، تن کي هو اٿاري کڙو ڪري ٿو. هو ئي اسان ۾ رهندڙ ڌارين جي حفاظت ڪري ٿو، ۽ يتيمن ۽ رنن‌زالن جي سنڀال لهي ٿو. بيشڪ خداوند سچارن کي پيار ڪري ٿو، جڏهن تہ بڇڙن جون راهون رد ڪري ڇڏي ٿو.


ان وقت انڌا ڏسي سگھندا، ۽ ٻوڙا ٻڌي سگھندا.


تون انڌن جون اکيون روشن ڪندين، ۽ انهن قيدين کي زندان مان ڪڍندين، جيڪي اونداهين ۾ قيد آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، منهنجو ٻانهو ڪامياب ٿيندو. هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو، ۽ وڏي درجي کي رسندو.


۽ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”مون بابت ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو.“


پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ لٿا پئي تہ عيسيٰ کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين ابنِ آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“


پوءِ عيسيٰ هن کي چيو تہ ”ڏس، اها ڳالهہ ڪنهن کي نہ ٻڌائجانءِ. پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آهين.“


تڏهن عيسيٰ هڪدم کيس روانو ڪندي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ


پر عيسيٰ انهن کي سختيءَ سان ڇينڀي تاڪيد ٿي ڪيو تہ ”مون کي ظاهر نہ ڪريو.“


پوءِ عيسيٰ انهن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ هن وڌيڪ چين تہ ”ڇوڪريءَ کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“


پوءِ عيسيٰ کيس تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آهين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ