Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:23 - Muslim Sindhi Bible

23 پوءِ جڏهن عيسيٰ انهيءَ اڳواڻ جي گھر پهتو تڏهن ڏٺائين تہ جنازي تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ جڏهن يسوع اُنهي سردار جي گهر ۾ آيو، ۽ بانسري وڄائيندڙن کي، ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي کي گوڙ ڪندو ڏٺائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 پوءِ جڏهن يسوع انهيءَ اڳواڻ جي گھر پهتو تڏهن ڏٺائين تہ ارٿيءَ تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 پوءِ عيسيٰ اڳواڻ جي گھر پھتو ۽ ڏٺائين تہ جنازي تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻھن جو گوڙ لڳو پيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يرمياہ يوسياہ لاءِ هڪڙو مرثيو ٺاهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين سڀ ڳائڻا ۽ ڳائڻيون انهيءَ مرثئي سان کيس ياد ڪندا آهن ۽ اها بني اسرائيل ۾ هڪ روايت پئجي ويئي. اهو مرثيو ٻين مرثين سان گڏ لکت ۾ موجود آهي.


تنهنڪري هن ملڪ جا غريب توڙي امير مري ويندا. انهن کي نہ دفن ڪيو ويندو ۽ نہ مٿن رنو پٽيو ويندو. ڪوبہ سندن سوڳ ۾ پاڻ کي نہ زخمي ڪندو، نہ وري مٿو ڪوڙائيندو.


مئل جي لاءِ آهستگيءَ سان پيو آهون ڀرجانءِ، روڄ راڙو نہ ڪجانءِ، نڪي پنهنجي مٿي تان پٽڪو يا وري پيرن مان جتي لاهي ڇڏجانءِ، نڪي ڏک ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي چهري کي ڍڪجانءِ ۽ نہ وري روئڻ پٽڻ وارن جي کاڌي مان ڪجھہ کائجانءِ.“


’اسان اوهان لاءِ شرنايون وڄايون، پر اوهين نچيا ئي ڪين. اسان اوهان لاءِ پار ڪڍيا، پر اوهين رنا ئي ڪين.‘


اهي تہ اهڙن ٻارن وانگر آهن، جيڪي بازارن ۾ ويهي هڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ ’اسان اوهان لاءِ شرنايون وڄايون، پر اوهين نچيا ئي ڪين. اسان اوهان لاءِ پار ڪڍيا، پر اوهين رنا ئي ڪين.‘


تڏهن پولس ماڙيءَ تان هيٺ لهندي ئي جھڪي کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ پوءِ چوڻ لڳو تہ ”فڪر نہ ڪريو، هي جيئرو آهي.“


تڏهن پطرس اُٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏهن هو اتي پهتو تہ اهي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي رنون‌زالون روئندي پطرس جي ڀرسان اچي بيٺيون ۽ کيس پنهنجا اهي پهراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي دورڪاس ساڻن گڏ گذاريندي ٺاهيا هئا.


اي وڏا شهر بابل! ستارَ، بانسري، توتاري توڙي ڳائڻ جو آواز وري تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ ٻڌبو. ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو، وري تو ۾ ڪونہ لڀندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ