Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ روزا رکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 يسوع چين تہ جيسين گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تيسين هو ماتم ڪري سگهن ٿا ڇا؟ پر اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، پوءِ هو روزا رکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ وِرت رکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آھي تيستائين ھو ڪي غمگين رھندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت ھو بہ روزا رکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:15
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي روئڻ رڙڻ، ۽ سوڳ طور مٿي جا وار ڪوڙائڻ ۽ کٿو ڍڪڻ جو حڪم ڏنو.


پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوهان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“


ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي قميص کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.


عيسيٰ انهن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جي موجودگيءَ ۾ ڄاڃي روزا رکي سگھن ٿا؟ هرگز نہ! جيستائين گھوٽ انهن سان گڏ آهي، تيستائين کين روزا رکڻ جي ضرورت ناهي.


پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تڏهن هو بہ روزا رکندا.


هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”ڪو وقت ايندو جڏهن اوهين ابنِ آدم جي موجودگيءَ وارو ڪو ڏينهن ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا، پر اوهين اهڙو ڏينهن نہ ڏسندا.


عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان آهي، تيستائين اوهين انهن کي ڪو روزا رکائي سگھو ٿا ڇا؟


پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، تہ انهن ڏينهن ۾ هو بہ روزا رکندا.“


ان جي بدران منهنجي هنن ڳالهين ٻڌائڻ جي ڪري اوهين ڏاڍا غمگين ٿي پيا آهيو.


گھوٽ اهو آهي جنهن جي ڪنوار آهي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي ٿو، سو انهيءَ تي ئي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انهيءَ گھوٽ جو دوست آهيان ۽ هاڻي منهنجي خوشي پوري ٿي آهي.


هنن هر هڪ ڪليسيا لاءِ اڳواڻ مقرر ڪيا ۽ روزو رکي انهن اڳواڻن لاءِ دعا گھريائون ۽ کين خداوند عيسيٰ جي حوالي ڪيائون، جنهن تي هنن ايمان آندو هو.


اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين دعا گھرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان جي نفساني برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي.


مون محنت ۽ سخت پورهيو ڪندي اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آهن ۽ ڪيترا ئي دفعا بنا ڪجھہ کائڻ پيئڻ جي گذاريو آهي. هائو، اڪثر ڪري بکون ڪاٽيون اٿم ۽ سرديءَ ۾ اڻپورن ڪپڙن سان رهيو آهيان.


ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي خدا جا سچا لفظ آهن.“


مون پاڪ شهر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ