Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:11 - Muslim Sindhi Bible

11 فريسين اهو ڏسي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوهان جو استاد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ جڏهن فريسين اهو حال ڏٺو تڏهن هن جي شاگردن کي چيائون تہ اوهان جو اُستاد محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏجي ڇو ٿو کائي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 فريسين اهو ڏسي يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”اوهان جو گرو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ اهي ٻين کي چون ٿا تہ ’پري ٿي بيهو، اسان جي ويجھو نہ اچو، ڇاڪاڻ تہ اسين اوهان کان پاڪ آهيون.‘ اهي ماڻهو منهنجي نڪ ۾ اهڙي دونهين مثل چڙ ڏياريندڙ آهن، جيڪو ڪنهن دکندڙ باهہ مان نڪرندي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ کان بس نہ ٿو ڪري.


پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي خدا جي حڪمت سچي ثابت ٿئي ٿي.“


جيڪڏهن اوهين رڳو انهن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تہ اوهان کي ڪهڙو اجر ملندو؟ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.


پوءِ جڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ دسترخوان تي ويٺي کاڌو، تڏهن ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ گنهگار اچي عيسيٰ ۽ سندس شاگردن سان گڏ کائڻ ويٺا.


شريعت جي ڪن فريسي عالمن جڏهن ڏٺو تہ عيسيٰ اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“


اهو ڏسي سڀيئي ڪُرڪندي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو هڪڙي گنهگار جي گھر رهيو آهي.“


تڏهن ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن ڪُرڪندي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ڇو اوهين ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“


”تون اڻ‌طهريلن جي گھر ۾ نہ رڳو مهمان هئين، بلڪ تو انهن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آهي.“


بيشڪ آءٌ توڙي پطرس ڄائي ڄم کان يهودي آهيون ۽ غير يهودي جن کي گنهگار ليکيو وڃي ٿو، تن مان نہ آهيون.


هو جاهلن ۽ ٺڳجي ويندڙن سان نرميءَ واري هلت ڪري ٿو، ڇو تہ هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ ۾ مبتلا آهي.


جيڪڏهن ڪو اوهان وٽ اچي اها تعليم نہ ڏئي تہ اهڙي شخص کي گھر ۾ اچڻ نہ ڏجو، نڪي کيس سلام ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ