Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ڏسو، آءٌ بہ ڪنهن ٻئي جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان پڻ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ،‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ،‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر،‘ تہ هو ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو آئون بہ ٻئي جي هٿ هيٺ آهيان، ۽ خود منهنجي هٿ هيٺ سپاهي آهن: ۽ آئون هڪڙي کي چوان تہ وڃ، تہ وڃي ٿو، ۽ ٻئي کي چوان تہ اچ تہ اچي ٿو. ۽ پنهنجي نوڪر کي چوان تہ هي ڪر تہ ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ڏسو، آءٌ بہ ڪنهن ٻئي جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان پڻ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ،‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ،‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر،‘ تہ هو ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 آءٌ ٻين جو زيردست آھيان ۽ منھنجي ھيٺان بہ سپاھي آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي چوان ’وڃ،‘ تہ ھو ويندو ۽ ڪنھن کي چوان ’اچ،‘ تہ ھو ايندو ۽ جي نوڪر کي چوان تہ ’ھي ڪم ڪر،‘ تہ ھو ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀيئي شيون تنهنجي حڪم سان اڄ ڏينهن تائين قائم آهن. بيشڪ هر شيءِ تنهنجي ئي تابعدار آهي.


اوهين بہ اي وڄ ۽ ڳڙؤ! ۽ اي برف ۽ ڪوهيڙؤ! اوهين بہ اي واچوڙؤ! جيڪي سندس حڪم تي عمل ٿا ڪريو.


عيسيٰ اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن جهڙو ايمان مون کي بني اسرائيل قوم جي ڪنهن بہ شخص ۾ نظر نہ آيو.


پر فوجي صوبيدار عرض ڪيس تہ ”اي سائين! آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو. اوهين هتان ئي رڳو حڪم ڪريو تہ منهنجو نوڪر خوش ٿي پوندو.


تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين تعليم آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“


تڏهن عيسيٰ وٽس وڃي بيٺو ۽ بخار کي حڪم ڪيائين تہ اهو کيس ڇڏي ويو. پوءِ هوءَ هڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ هنن جي خدمت ڪرڻ لڳي.


ڏسو، آءٌ پڻ ٻين جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان بہ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر‘ تہ هو ڪندو.“


عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي سڏي کين هيءَ طاقت ۽ اختياري ڏني تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍن ۽ بيمارن کي شفا ڏين.


اي غلامؤ! پنهنجي دنياوي مالڪن جا هر ڳالهہ ۾ فرمانبردار رهو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر صاف‌دليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو.


غلامن کي نصيحت ڪر تہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن مالڪن جي تابع رهن، انهن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن، کين آڏا جواب نہ ڏين


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ