Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پر فوجي صوبيدار عرض ڪيس تہ ”اي سائين! آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو. اوهين هتان ئي رڳو حڪم ڪريو تہ منهنجو نوڪر خوش ٿي پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پوءِ صوبيدار ورندي ڏيئي چيو تہ اي خداوند، آئون انهيءَ لائق نہ آهيان تہ تون منهنجي پکي هيٺ اچين، پر تون رڳو واتان کڻي ڪلام ڪڍ، تہ منهنجو نوڪر ڇُٽي چڱو ڀلو ٿي پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پر فوجي صوبيدار وينتي ڪيس تہ ”اي سوامي! آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو. اوهين هتان ئي رڳو حڪم ڪريو تہ منهنجو نوڪر خوش ٿي پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 تڏھن فوجي صوبيدار عرض ڪيو تہ ”سائين! آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو. رڳو حڪم ڪريو تہ منھنجو نوڪر خوش ٿي پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو جيڪا هيڏي ساري وفا ۽ شفقت پنهنجي ٻانهي تي ڪئي آهي، آءٌ تہ انهيءَ جي ذري جو بہ لائق نہ آهيان، ڇو تہ جڏهن آءٌ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ويو هئس تہ مون وٽ رڳو منهنجي لٺ هئي، پر هاڻ تہ مون وٽ ٻہ ٽولا ٿي ويا آهن.


اي خداوند! تون نماڻن جون التجائون ٻڌين ٿو، ۽ ٻڌندو رهندين. تون ئي انهن جون دليون پختيون ڪندين.


هن پنهنجي حڪم سان کين شفا بخشي هئي، ۽ کين برباديءَ کان بچايو هئائين.


بيشڪ جيئن ئي هن فرمايو تيئن دنيا پيدا ٿي پيئي، هائو، هن جي حڪم ڏيڻ سان ڌرتي وجود ۾ اچي ويئي.


”اندر اچي هارون جي لٺ کڻ ۽ پوءِ تون ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون ٻيئي ڄڻا سڄيءَ قوم کي گڏ ڪريو. پوءِ هنن جي اکين جي اڳيان اوهين ٽڪريءَ کي چوندا تہ منجھانئس پاڻي وهي نڪرندو. اهڙيءَ طرح تون انهيءَ ٽڪريءَ مان انهن ماڻهن ۽ سندن چوپائي مال جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪڍندين.“


آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان گناهن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو قدرت وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


پر يحيٰ کيس منع ڪرڻ لڳو ۽ چيائينس تہ ”مون کي تہ پاڻ اوهان کان بپتسما وٺڻ گھرجي ۽ اوهين وري مون وٽ آيا آهيو؟“


تنهن تي عيسيٰ پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم هن جو ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو.


تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ تنهنجي گھر هلي هن کي چڱو ڀلو ڪندس.“


ڏسو، آءٌ بہ ڪنهن ٻئي جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان پڻ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ،‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ،‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر،‘ تہ هو ڪندو.“


۽ هاڻي انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان. مون کي پنهنجي مزدورن مان هڪڙو سمجھي بيهاريو.“‘


تڏهن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان ۽ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان.‘


جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گنهگار آهيان.“


هو مون کان پوءِ اچي رهيو آهي ۽ آءٌ تہ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ