Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:34 - Muslim Sindhi Bible

34 تنهن تي سڄو شهر عيسيٰ سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو. جڏهن هن کي ڏٺائون تہ منٿ ڪندي چوڻ لڳس تہ ”سائين! مهرباني ڪري اسان جي علائقي مان هليا وڃو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ ڏسو، سڄو شهر يسوع کي گڏجڻ لاءِ نڪري آيو: ۽ جڏهن هن کي ڏٺائون، تڏهن عرض ڪيائونس تہ اسان جي حدن مان هليو وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 تنهن تي سڄو شهر يسوع سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو. جڏهن هن کي ڏٺائون تہ منٿ ڪندي چوڻ لڳس تہ ”سوامي! مهرباني ڪري اسان جي علائقي مان هليا وڃو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 تنھن تي سڄو شھر عيسيٰ سان ملڻ لاءِ ٻاھر نڪري آيو. جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ منٿ ڪري چوڻ لڳس تہ ”سائين! مھرباني ڪري اسان جي علائقي مان ھليا وڃو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:34
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهيءَ عورت الياس کي چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! هي تو مون سان ڇا ڪيو آهي؟ تون هتي مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ خدا کي منهنجا گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارائين؟“


جڏهن اخي‌اب الياس کي ڏٺو تڏهن کيس چيائين تہ ”اي اسرائيل کي آزاريندڙ! تون هتي آهين؟“


تنهن هوندي بہ اهي بدڪار خدا کي هيئن ٿا چون تہ ’اسان کي ڇڏي ڏي، ڇو تہ اسين تنهنجي واٽن جا طالبو ناهيون.‘


انهن ئي ماڻهن خدا کي چيو ٿي تہ ’اسان کي ڇڏي ڏي.‘ هيئن بہ ٿي چيائون تہ ’قادرِمطلق اسان جي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھي؟‘


تنهن کان پوءِ امصياہ پاڻ عاموس کي چيو تہ ”اي غيب ڏسندڙ! هاڻي هليو وڃ. تون پنهنجي يهوداہ ملڪ ڏانهن موٽي وڃ. اُتي وڃي اڳڪٿيون ڪري پنهنجو پيٽ پال.


عيسيٰ کي ڏسڻ سان هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي خدا جا فرزند! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين؟“


جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گنهگار آهيان.“


هن جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“


تنهنڪري اهي پاڻ کين سمجھائڻ لاءِ آيا ۽ جيل کان ٻاهر وٺي اچي کين عرض ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري اوهين شهر مان هليا وڃو.“


پر اسين ڇو پنهنجي جان جوکي ۾ وجھون؟ اها وڏي باهہ اسان کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. جيڪڏهن اسان وري خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌو تہ اسين پڪ مري وينداسين.


سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هئس. هو جڏهن بيت‌لحم ۾ آيو تہ شهر جا اڳواڻ ڏڪندا سندس استقبال لاءِ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون خير سان تہ آيو آهين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ