Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:31 - Muslim Sindhi Bible

31 سو ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”جيڪڏهن اوهين اسان کي ڪڍو ٿا تہ اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن جي ڌڻ ۾ وڃون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ ڀوت کيس منٿ ڪري چوڻ لڳا تہ جي تون اسان کي ڪڍين ٿو تہ هنن سوئرن جي ڌڻ ۾ گهڙڻ جي موڪل ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 سو ڀوتن يسوع کي منٿ ڪئي تہ ”جيڪڏهن اوهين اسان کي ڪڍو ٿا تہ اسان کي آگيا ڏيو تہ سوئرن جي ڌڻ ۾ وڃون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”جيڪڏھن اوھين اسان کي ڪڍو ٿا تہ اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن جي ڌڻ ۾ وڃون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:31
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“


ويجھو ئي سوئرن جو هڪ وڏو ڌڻ چري رهيو هو،


تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڀلي وڃو.“ تڏهن اهي انهن مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ ڏسندي ڏسندي سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ لاهيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.


سو عيسيٰ کي ڀوتن منٿ ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن ۾ گھڙي وڃون.“


۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“


تنهنڪري اي آسمانؤ ۽ آسمانن جا رهاڪؤ! اوهين خوشيون ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ! اوهان لاءِ مصيبت آهي، ڇاڪاڻ تہ ابليس اوهان تي اچي پيو آهي. هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ آهي ڇو جو هو ڄاڻي ٿو تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ