Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تنهن تي عيسيٰ پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم هن جو ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 سو هن پنهنجو هٿ ڊگهيري کيس ڇُهي چيو، تہ منهنجي مرضي آهي تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ. ۽ يڪدم هن جو ڪوڙهہ لهي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 تنهن تي يسوع پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم هن جو ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 تنھن تي عيسيٰ پنھنجو ھٿ ڊگھيريو ۽ کيس لائيندي چيائين تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏھن ھڪدم ھن جو ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خدا حڪم ڏنو تہ ”روشني ٿئي.“ سو روشني ٿي پيئي.


پر نعمان کي ڪاوڙ لڳي ۽ چيائين تہ ”مون سوچيو هو تہ هو ضرور مون وٽ ٻاهر نڪري ايندو ۽ بيهي خداوند پنهنجي خدا جو نالو وٺي، انهيءَ بيماريءَ جي مٿان پنهنجو هٿ ڦيري مون کي چڱو ڀلو ڪندو.


سو هن لهي وڃي اردن درياءَ ۾ ست ٽٻيون ڏنيون، جيئن خدا جي ٻانهي کيس چيو هو. تڏهن هن جي چمڙي ڇٽي ٻار جي چمڙيءَ جيان ٿي پيئي ۽ هو پاڪ ٿي پيو.


بيشڪ جيئن ئي هن فرمايو تيئن دنيا پيدا ٿي پيئي، هائو، هن جي حڪم ڏيڻ سان ڌرتي وجود ۾ اچي ويئي.


خداوند چيس تہ ”پنهنجو هٿ ٻيهر چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رک.“ هن وري پنهنجو هٿ چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رکيو ۽ جڏهن ٻاهر ڪڍيائين تہ ڇا ڏسي تہ اهو سندس باقي بدن جهڙو ٿي پيو هو.


پوءِ هن انهيءَ ماڻهوءَ کي چيو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ سندس هٿ ٺيڪ ٿي ويو ۽ بلڪل ٻئي هٿ جهڙو ٿي پيس.


عيسيٰ کي هن تي ڪهل آئي، سو پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي چيائينس تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“


تنهن تي عيسيٰ اٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”ماٺيون ٿيو.“ تڏهن طوفان بيهجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.


هن ڇوڪريءَ جي هٿ کي پڪڙي کيس چيو تہ ”تليٿا قُومي،“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”اي ننڍڙي نينگري! اُٿ.“


پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ ڀريو ۽ هن کي چيائين تہ ”افتح،“ يعني ”کُلي پئُہ.“


عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙو ۽ گونگو ڪرڻ وارا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان هڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏهن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“


ساڳيءَ طرح اليشع نبيءَ جي ڏينهن ۾ اسرائيل ملڪ ۾ ڪيترائي ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا هئا، پر انهن مان ڪنهن کي بہ شفا ڪانہ ڏني ويئي، بلڪ رڳو شام ملڪ جي رهندڙ نعمان کي ئي شفاياب ڪيو ويو.“


سو عيسيٰ پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو. تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم سندس ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو.


پوءِ پاڻ ويجھو اچي جنازي تي هٿ رکي ڪانڌين کي بيهاريائين ۽ مري ويل کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.“


ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاهر نڪري اچ.“


جيڪي ڪم ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، سي جيڪڏهن آءٌ انهن ۾ نہ ڪريان ها تہ پوءِ انهن کي گنهگار قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي تہ انهن منهنجا ڪم ڏٺا آهن، تنهن هوندي بہ مون کان ۽ منهنجي پيءُ کان نفرت ڪن ٿا.


جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنهن کي وڻيس تنهن کي زندگي ڏئي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ