Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:25 - Muslim Sindhi Bible

25 تڏهن شاگردن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي استاد! جلدي ڪر بچاءِ! اسين ٻڏڻ تي آهيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ هنن اچي جاڳائي چيس تہ اي خداوند بچاءِ، اسين چٽ ٿا ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 تڏهن چيلن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي گرو! جلدي ڪر بچاءِ! اسين ٻڏڻ تي آهيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 تڏھن شاگرد وٽس آيا ۽ جاڳائي چيائونس تہ ”اي سائين! اسان کي بچايو جو اسين ھاڻي تہ ٻڏڻ تي آھيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ آسا خداوند پنهنجي خدا کي پڪاريندي چيو تہ ”اي خداوند! تنهنجي اڳيان طاقتور ۽ ڪمزور جي وچ ۾ ڪو فرق ڪونهي. سوڀ ڏيڻ وارو تون ئي آهين. سو اي خداوند، اسان جا خدا! اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اسان جو ڀروسو تو تي آهي ۽ تنهنجو ئي نالو وٺي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي آيا آهيون. اي خداوند! تون ئي اسان جو خدا آهين. ائين نہ ٿئي جو اسين شڪست کائون، ڇاڪاڻ تہ اها شڪست تنهنجي ئي ٿيندي.“


اي اسان جا خدا! ڇا تون انهن کي سزا نہ ڏيندين؟ ڇاڪاڻ تہ اسان سان وڙهڻ لاءِ آيل هيڏي وڏي لشڪر سان منهن ڏيڻ جي اسان کي طاقت ڪانهي. اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڇا ڪريون، بلڪ اسين تہ مدد لاءِ تو ڏانهن پيا واجھايون.“


اي خداوند! تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ منهنجي مصيبت جي وقت تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟


ڪپتان يونس وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”تون ڇو ننڊ پيو آهين؟ اُٿي پنهنجي معبود کي پڪار تہ من انهيءَ کي اسان جو ڪو خيال پوي ۽ اسين برباد ٿيڻ کان بچي پئون.“


ايتري ۾ هڪڙو ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو ماڻهو عيسيٰ وٽ آيو، جنهن کيس سجدو ڪري چيس تہ ”اي سائين! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“


اوچتو ئي ڍنڍ ۾ اهڙو زبردست طوفان آيو جو سندن ٻيڙي ڇولين ۾ ٻڏڻ لڳي. ان وقت عيسيٰ گَهري ننڊ ۾ هو.


جڏهن عيسيٰ انهن کي هي چئي رهيو هو تڏهن يهودين جي مقامي عبادت‌خاني جو هڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سجدو ڪري چيائينس تہ ”هينئر ئي منهنجي ڌيءَ مُئي آهي، پر اوهين هلي هٿ لائيندؤس تہ هوءَ جيئري ٿي پوندي.“


تڏهن انهن عيسيٰ کي جاڳائيندي چيو تہ ”استاد! اي استاد! اسين تہ ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي هو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنهن تي طوفان بيهجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ