Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:28 - Muslim Sindhi Bible

28 جڏهن عيسيٰ هي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن اتي موجود سڄي خلق سندس تعليم تي حيران ٿي ويئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع هي ڳالهيون ڪري بس ڪئي، تڏهن خلق هن جي تعليم ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 جڏهن يسوع هي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن اتي موجود سڄي خلق سندس سکيا تي حيران ٿي ويئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 جڏھن عيسيٰ ھي ڳالھيون چئي چڪو تڏھن ميڙ ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:28
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي بادشاهہ! بني آدم ۾ تون سڀني کان سهڻو آهين. تنهنجي زبان لطافت سان ڀرپور آهي، جنهن ڪري خدا هميشہ جي لاءِ تو کي برڪت وارو بڻايو آهي.


جڏهن عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي هدايتون ڏيئي چڪو تڏهن هو اتان روانو ٿيو، تہ جيئن ويجھن شهرن ۾ وڃي تعليم ڏئي ۽ تبليغ ڪري.


جڏهن عيسيٰ اهي سمجھاڻيون ڏيئي چڪو تہ هو گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ علائقي جي انهيءَ حصي ۾ آيو، جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف هو.


جڏهن ماڻهن هي ٻڌو تہ اهي عيسيٰ جي تعليم تي عجب ۾ پئجي ويا.


جڏهن عيسيٰ هي سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪو تہ هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ


ان گھر تي مينهن ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تہ گھر ڪري پيو ۽ تباهہ ٿي ويو.“


ڇاڪاڻ تہ هن شريعت جي عالمن وانگر نہ، بلڪ ائين پئي تعليم ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي.


ماڻهو هن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن انهن کي شريعت جي عالمن وانگر نہ، بلڪ ائين پئي تعليم ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي.


سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن جڏهن اهو ٻڌو تڏهن هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ ڪهڙي طريقي سان عيسيٰ کي مارجي، ڇاڪاڻ تہ هو عيسيٰ کان انهيءَ ڪري ڊڄن پيا جو سڄي خلق هن جي تعليم تي حيران هئي.


سبت جي ڏينهن تي هو عبادت‌خاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟


پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ آتا هئا.


جن بہ هن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي هن جي سمجھہ ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب ۾ پئجي ٿي ويا.


سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ هن جي واتان اهڙا مهر ڀريا لفظ ٻڌي عجب کائي چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي يوسف جو پٽ نہ آهي؟“


سڀيئي ماڻهو هن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن اختيار سان پئي ڳالهايو.


جڏهن عيسيٰ ماڻهن کي اهي سموريون ڳالهيون ٻڌائي چڪو، تڏهن ڪفرناحوم شهر ۾ آيو.


تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن تعليم ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“


پهريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو آهي، جهڙيءَ طرح هي شخص ٿو ڳالهائي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ