Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح ايشور بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھين ٻين کي ڏوھي ٺھرائيندا، تيئن اھي بہ اوھان کي ڏوھي ٺھرائيندا ۽ جيئن ٻين کي اوھين ماپي ڏيندا، تيئن ساڳئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي هنن بادشاهہ کي چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ اسان کي برباد ڪيو ۽ اهو منصوبو ٺاهيو هو تہ اسين اهڙا تہ ناس ٿي وڃون جو بني اسرائيل جي ڪنهن بہ حد ۾ باقي نہ رهون،


هن کي لعنت ڪرڻ پسند هو سو شل مٿس لعنتون ئي پون! کيس دعا ڪرڻ ڪين ٿي وڻيو سو شل اها بہ کانئس پري هجي!


هو اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند، هٿ جي عيوض هٿ ۽ پير جي عيوض پير ڏئي.


ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.


تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي قوم وارن کي آزاديءَ جي نعمت کان محروم رکندي منهنجي نافرماني ڪئي آهي، سو مون خداوند وٽ اوهان لاءِ آزاديءَ جي هيءَ نعمت آهي تہ هاڻ ڀلي اوهين جنگ، وبا ۽ ڏڪار سان وڃي منهن ڏيو. اوهان جي اهڙي حالت ٿيندي جو اوهان کي ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بابل ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن کي اوهان جي ڏسندي انهن سڀني ڪمن جي سزا ڏيندس جيڪي هنن يروشلم ۾ ڪيا هئا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن آءٌ خداوند سڀني قومن جي عدالت ڪندس. اي ادوم وارؤ! جيڪي ڪجھہ اوهان ٻين سان ڪيو آهي، سو ئي اوهان سان بہ ڪيو ويندو. هائو، اوهان جي انهيءَ عمل جو اوهان کان بدلو ورتو ويندو.


سو جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندا تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندو.


عيسيٰ اهو بہ چين تہ ”اوهين انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو جيڪي مون کان ٻڌو ٿا، ڇاڪاڻ تہ جهڙي ماپي سان اوهين ماپي ڏيندا تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو.


ٻين کي ڏيندا رهو تہ خدا کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، خدا کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“


ياد رکو، جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو.


تڏهن ادوني‌بزق چوڻ لڳو تہ ”ستر بادشاهہ جن جي هٿن پيرن جا آڱوٺا وڍيل هئا، سي منهنجي دسترخوان تي ڪريل مانيءَ جا ڀورا گڏ ڪري کائيندا هئا. هاڻ خدا بہ بدلي ۾ مون سان ائين ئي ڪيو آهي جيئن مون انهن سان ڪيو هو.“ پوءِ کيس يروشلم ۾ آندو ويو جتي هو مري ويو.


تڏهن سيسرا جھڪندي اچي سندس پيرن ۾ ڪريو، هائو، سندس پيرن ۾ هو اونڌو ٿي پئجي رهيو. جتي هو جھڪي ڪريو هو اتي ئي مري چٽ ٿي ويو.


سموئيل کيس چيو تہ ”جيئن تنهنجي تلوار ڪيترين ئي مائرن کي بي‌اولاد ڪري ڇڏيو آهي، تيئن تنهنجي ماءُ بہ بي‌اولاد ٿيندي.“ پوءِ سموئيل اجاج کي جِلجال ۾ قربان‌گاهہ وٽ قتل ڪري سندس لاش ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ