Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ خدا بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 عيب جوئي نہ ڪريو، تہ اوهان جي بہ عيب جوئي نہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 ”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ ايشور بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.


ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.


اي رياڪارؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو تہ پوءِ اوهين انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.


”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ خدا بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙيندو. ٻين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو تہ خدا بہ اوهان کي ڏوهي قرار نہ ڏيندو. ٻين کي معاف ڪريو تہ خدا بہ اوهان کي معاف ڪندو.


ڇو ٿا ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو اوهان کي ڪوبہ خيال نہ آهي؟


جڏهن هو کانئس بار بار پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوهان مان جنهن ڪڏهن بہ ڪو گناهہ نہ ڪيو هجي، سو پهريائين هن عورت کي پٿر هڻي.“


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان مان گھڻا تعليم ڏيندڙ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي تعليم ڏيندڙ آهيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ڪئي ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ