Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اوهين پنهنجي دعا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير ايمان وارا ڪندا آهن، ڇو تہ هو سمجھن ٿا تہ انهن جون ڊگھيون دعائون گھرڻ ڪري خدا سندن ٻڌندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ دعا گهرڻ مهل اجايا لفظ وري وري نہ چئو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آهن؛ ڇالاءِ جو هو ڀائين ٿا تہ گهڻي چوڻ ڪري اسان جي ٻُڌڻ ۾ ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 اوهين پنهنجي پرارٿنا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير وشواسي ڪندا آهن، ڇو تہ هو سمجھن ٿا تہ انهن جون ڊگھيون پرارٿنائون ڪرڻ ڪري ايشور سندن ٻڌندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 اوھين پنھنجي دعا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آھن، ڇوتہ ھو سمجھن ٿا تہ انھن جون ڊگھيون دعائون گھرڻ ڪري خدا سندن ٻڌندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ انسان جا خالي خيال، گھڻو ڳالهائڻ ۽ ٻيا بيڪار ڪم گھڻا آهن، پر تنهن هوندي بہ اوهين خدا جو خوف رکو.


جيڪڏهن هو انهن کي انڪار ڪري تہ ڪليسيا کي ٻڌايو ۽ جيڪڏهن ڪليسيا کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ هن کي غير ايمان وارن ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جهڙو ڪري سمجھو.“


عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منهن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منهنجا بابا! جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنهن هوندي بہ منهنجي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


عيسيٰ ٻيهر پري ويو ۽ دعا گھريائين تہ ”اي منهنجا بابا! جيڪڏهن هي پيالو منهنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


وري بہ عيسيٰ انهن کي ڇڏي ويو ۽ ٽيون دفعو بہ دعا گھُري اهي ساڳيا لفظ چيائين.


غير ايمان وارا انهن شين جي ڳولا ۾ هوندا آهن، جڏهن تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي هي سڀ شيون گھرجن.


پر جڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هي يهودي آهي تڏهن سڀيئي گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳيا ئي نعرا هڻندا رهيا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس عظيم آهي!“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ