Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:26 - Muslim Sindhi Bible

26 پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين، نہ لڻين ۽ نہ اناج ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ انهن کي کارائي ٿو. ڇا اوهين انهن کان وڌيڪ قدر نہ ٿا رکو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 آسمان جا پکي ڏسو، جو اُهي نہ پوکين ۽ نہ لڻن، ۽ نڪي ڪي ڀانڊن ۾ گڏ ڪري رکن ٿا؛ تہ بہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو هنن کي کارائي ٿو. اوهين هنن کان گهڻو وڌيڪ نہ آهيو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين، نہ لڻين ۽ نہ اناج ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوهان جو آڪاش وارو پتا انهن کي کارائي ٿو. ڇا اوهين انهن کان وڌيڪ قدر نہ ٿا رکو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين نہ لڻين ۽ نہ ان ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ انھن کي کارائي ٿو. ڇا توھين انھن کان وڌيڪ درجو نہ ٿا رکو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:26
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي ۽ هنن جي لاءِ هر قسم جو کاڌو بہ کڻ.“


جڏهن تہ هن انسان کي جانورن کان وڌيڪ سمجھہ ڏني آهي، ۽ پکين کان وڌيڪ عقل عطا ڪيو اٿس.


جھنگلي ڪانءَ جي لاءِ ڪير کاڌو مهيا ڪري ٿو، جڏهن ان جا ٻچا مون خدا کي دانهون ڪري ٻاڏائين ٿا، ۽ کاڌي نہ هئڻ ڪري هيڏانهن هوڏانهن رلندا وتن ٿا؟


هو نہ رڳو ڪانون جي پڪاريندڙ ٻچڙن کي، بلڪ هر جانور توڙي پکيءَ کي کاڌو مهيا ڪري ٿو.


جبلن جا جيڪي بہ پکي آهن سي سڀيئي منهنجا آهن، ۽ ميدانن جا سڀيئي حيوان پڻ منهنجا آهن.


غير ايمان وارا انهن شين جي ڳولا ۾ هوندا آهن، جڏهن تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي هي سڀ شيون گھرجن.


هاڻي ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو پيءُ آهي جنهن کان سندس ٻار ماني گھري تہ هو پٿر ڏئيس؟


آخر دل ۾ چيائين تہ ’آءٌ هيئن ڪندس جو هي ڀانڊا ڊهرائي وڏا ڪري ٺهرائيندس ۽ انهن ۾ سمورو اناج ۽ ٻيون شيون گڏ ڪري رکندس


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ