Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ۽ تنهنجي بادشاهي اچي. تنهنجي مرضي جيئن آسمان تي پوري ٿئي ٿي، تيئن زمين تي بہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تنهنجي بادشاهي اچي، تنهنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿيندي آهي، تيئن زمين تي بہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 ۽ تنهنجو راڄ اچي. تنهنجي مرضي جيئن آڪاش تي پوري ٿئي ٿي، تيئن ڌرتيءَ تي بہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ۽ تنھنجي بادشاھت اچي. تنھنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿئي ٿي، تيئن زمين تي بہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:10
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

رڳو تون ئي خداوند آهين. تون عرش عظيم ۽ آسمان ۽ ان جي سڀني گرهن ۽ سيارن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون سمنڊن ۽ جيڪي ڪجھہ منجھن آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. هر ڪا شيءِ تنهنجي ئي وسيلي قائم آهي. آسماني مخلوق پڻ تنهنجي عبادت ڪري ٿي.


هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


اي منهنجا خدا! آءٌ انهيءَ ۾ خوش آهيان، جو تنهنجي مرضي پوري ڪريان، بلڪ تنهنجي شريعت تہ منهنجي دل ۾ سمايل آهي.


ايندڙ ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو خداوند جي هيڪل وارو جبل صيئون، سڀني جبلن کان مٿاهون ڪيو ويندو. هائو، اهو سڀني جبلن کان بلند ڪيو ويندو، ۽ سڀني قومن جو وهڪرو انهيءَ ڏانهن هوندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن دائود جي اولاد مان آءٌ هڪڙي سچار کي بادشاهہ ڪري چونڊيندس. اهو بادشاهہ ڏاهپ سان راڄ ڪندو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.


توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“


ڌرتيءَ جو هر ڪو باشندو هن جي آڏو ڪين جهڙو آهي، آسماني مخلوق هجي توڙي ڌرتيءَ وارا، تن سان هو جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو. ڪوبہ ناهي جيڪو سندس هٿ روڪي سگھي، نڪي وري ڪو اهڙو آهي، جيڪو هن کان پڇي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين پيو؟‘


مون پنهنجي هن رويا ۾ وڌيڪ ڏٺو تہ آدمزاد جهڙو هڪ شخص آسمان جي ڪڪرن سان گڏ آيو. اهو ازلي هستيءَ وٽ اچي پهتو تہ کيس انهيءَ جي حضور ۾ آندو ويو.


تڏهن ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جي حڪومت، سلطنت ۽ شان وَ شوڪت خدا تعاليٰ جي انهن چونڊيل بندن کي ڏني ويندي. سندن شهنشاهت دائمي شهنشاهت هوندي ۽ ٻيون سموريون حڪومتون انهن جي خدمت چاڪري ۽ فرمانبرداري ڪنديون.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.


هائو، جيڪو بہ منهنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ تي هلي ٿو، سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو ابنِ آدم کي بادشاهہ جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


عيسيٰ ٻيهر پري ويو ۽ دعا گھريائين تہ ”اي منهنجا بابا! جيڪڏهن هي پيالو منهنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


”توبهہ ڪريو جو آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“


سو انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“


”جيڪي مون کي ’خداوند، خداوند‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اهي داخل ٿيندا جيڪي منهنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ موجب هلن ٿا.


سڀاڳي آهي اسان جي ابي دائود جي گھراڻي جي ايندڙ بادشاهي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“


ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ خدا جي مرضيءَ موجب هلندو سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.“


جيئن تہ عيسيٰ يروشلم ۾ پهچڻ تي هو، سو جن ماڻهن سندس هي ڳالهيون پئي ٻڌيون سي ائين سمجھن پيا تہ هينئر ئي ٿي خدا جي بادشاهي ظاهر ٿئي. تنهن تي عيسيٰ هڪڙو مثال ڏيندي


”سڀاڳو آهي اهو بادشاهہ، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! شل آسمان تي سلامتي ۽ عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“


”اي بابا! جيڪڏهن تون چاهين تہ هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


عيسيٰ کين چيو تہ ”منهنجو کاڌو اهو آهي تہ آءٌ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضيءَ تي هلندي سندس سونپيل ڪم پورو ڪريان.


هائو، منهنجي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي دائمي زندگي ملي. سو آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها خدا وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.


پوءِ خدا هن کي هٽائي دائود کي انهن جو بادشاهہ مقرر ڪيو. خدا هن بابت هيئن چيو تہ ’مون يسيءَ جي پٽ دائود کي ڳولي ورتو آهي، جيڪو منهنجي دلي خواهش موجب آهي. هو هميشہ منهنجي مرضيءَ تي هلندو.‘


جڏهن اسين کيس مڃائي نہ سگھياسين، تڏهن اسان ايترو چئي بس ڪئي تہ ”جيڪا خداوند جي مرضي.“


پوءِ هن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا تو کي انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ تون سندس مرضي ڄاڻي وٺين ۽ سندس سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالهائيندي ٻڌين.


پاڻ کي هن آخري زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ خدا کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.


انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر مسيح جي غلام جي حيثيت ۾ دل سان خدمت ڪندي خدا جي مرضي پوري ڪريو.


هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري فرزند جي بادشاهيءَ ۾ آندو،


جنهن ڏينهن اسان اوهان جي باري ۾ اهو سڀ ٻڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اوهان لاءِ خدا کان دعا گھرڻ ۽ هي عرض ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل هو اوهان کي پاڪ روح جي سموري ڏاهپ ۽ سمجھہ عطا ڪندي پنهنجي مرضيءَ جي ڄاڻ سان ڀري ڇڏي.


مطلب تہ خدا جي مرضي اها آهي تہ اوهين هن لاءِ مخصوص ۽ پاڪ رهو. سو زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو.


هر حالت ۾ شڪر ڪريو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهان لاءِ خدا جي اها ئي مرضي آهي.


ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


هائو، اوهان کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوهين اهو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنهن جو خدا پاڻ واعدو ڪيو آهي، جيئن هن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ


تڏهن مون چيو تہ ’اي خدا! آءٌ آيو آهيان، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان،‘ جهڙيءَ طرح پاڪ ڪلام ۾ منهنجي باري ۾ لکيل آهي.“


شل سو ئي اوهان کي هر چڱي برڪت بخشي ڪامل بڻائي، تہ جيئن اوهين سندس مرضي پوري ڪريو. شل هو عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان سڀني ۾ اهو ڪجھہ پيدا ڪري جيڪو کيس پسند آهي. سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ ٿيندي رهي. آمين.


اهڙي نموني ئي اوهين تابعدار رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي مرضي اها آهي تہ نيڪ ڪم ڪرڻ سان اوهين نادانيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ وارن بي‌وقوف ماڻهن جا وات بند ڪري ڇڏيو.


اڳتي هو پنهنجي باقي زندگي هن گنهگار دنيا جي انساني خواهشن موجب نہ، پر خدا جي مرضيءَ موجب گذاريندو.


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”هاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو، قدرت ۽ بادشاهي ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڀائرن ڀينرن تي تهمت هڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن تهمت هڻندو ٿي رهيو، سو هيٺ اڇلايو ويو آهي.


پوءِ مون ڄڻ تہ هڪڙي وڏي ميڙ جو آواز وري ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو، جنهن چيو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جو خدا جيڪو قادرِمطلق آهي، تنهن جي بادشاهي زمين تي قائم ٿي ويئي آهي.


پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ ۽ خدا جي پيغام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيئرا ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ