Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:39 - Muslim Sindhi Bible

39 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بڇڙو آهي، تنهن جي سامهون نہ ٿيو: پر جيڪو توکي تنهنجي ساڄي ڳل تي چماٽ هڻي، تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39 پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ڳل تي چماٽ ھڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:39
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن نبي سڏايندڙن مان صدقياہ ولد ڪنعانہ ويجھو اچي ميڪاياہ کي چماٽ هنئي ۽ کانئس پڇيو تہ ”خداوند جو روح مون مان ڪيئن نڪري تو سان ڳالهائڻ لاءِ آيو؟“


سو ماڻهو پنهنجو وات ڦاڙي مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، هو ملامت ڪرڻ واسطي مون کي منهانيون چماٽون ٿا هڻن، هو پاڻ ۾ هڪ ٿي منهنجي خلاف گڏ ٿيا آهن.


بڇڙائيءَ جو بدلو وٺڻ بابت نہ سوچو، بلڪ خداوند تي ڀروسو رکو، هو پاڻ اوهان جو انصاف ڪندو.


اهڙي موقعي تي پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئو تہ ”جيئن تہ هن اڳي منهنجو ڏوهہ ڪيو هو، تيئن آءٌ بہ ڪوڙي شاهدي ڏيئي کيس نقصان رسائيندس. هائو، آءٌ سندس ڪئي موجب بدلو ڏيندومانس.“


بلڪ آءٌ تہ پنهنجي پٺي مار ڏيڻ وارن جي حوالي ٿو ڪريان، ۽ منهنجي ڏاڙهي پٽڻ وارن کي آءٌ ڪين ٿو روڪيان. آءٌ بي‌عزت ٿيڻ ۽ ٿڪون جھلڻ کان پنهنجو منهن نہ ٿو لڪايان.


توڙي جو جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڳلن تي چماٽون هنيون وڃن، يا بي‌عزت ڪيو وڃي، تہ بہ هن کي اهو سڀ ڪجھہ برداشت ڪرڻ گھرجي.


اوهين پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن کان وير نہ وٺجو، نڪي انهن سان ڪينو رکجو، بلڪ اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


اي يروشلم جا رهاڪؤ! پنهنجا لشڪر آڻي گڏ ڪري تيار ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي دشمن لشڪرن اچي اوهان جو گھيرو ڪيو آهي. اهي بني اسرائيل جي حڪمران جي بي‌عزتي ڪري سندس ڳلن تي لڪڻ هڻندا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان مان ڪنهن جي قميص هٿ ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ دعويٰ ڪري تہ هو ان کي پنهنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏي.


سندس اکيون ٻڌي منهن تي چماٽون هڻي پڇنس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“


جيئن تہ شريعت جا ڪي عالم ۽ فريسي انهيءَ موقعي جي تاڙ ۾ رهندا هئا تہ عيسيٰ تي تهمت هڻجي، سو هو جاچڻ لڳا تہ سبت جي ڏينهن عيسيٰ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ.


تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏهن مون ڪا غلط ڳالهہ ڪئي هجي تہ اها سڀني جي اڳيان ٻڌاءِ. پر جيڪڏهن مون سچ چيو آهي تہ پوءِ تون مون کي ڇو ٿو مارين؟“


حقيقت ۾ هڪٻئي تي ڪيس ڪرڻ ئي اوهان جي وڏي ناڪامي آهي. اوهين ناانصافي سهڻ ڇو نہ ٿا بهتر سمجھو؟ ڦُرجي وڃڻ ڇو نہ ٿا قبول ڪريو؟


خبردار، ڪوبہ ماڻهو ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ هڪٻئي سان ۽ سڀني ماڻهن سان هميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو.


ڏسو، گناهہ جي خلاف وڙهندي اوهان اڃا تائين اهڙو مقابلو نہ ڪيو آهي جو اوهان جو رت وهايو ويو هجي.


اوهان بي‌ڏوهي ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏيئي قتل ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ سگھيا.


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان کي برڪت جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ