Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:33 - Muslim Sindhi Bible

33 ”ٻيو اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’خداوند جي آڏو پنهنجا کنيل قسم نہ ڀڃو، پر اهي پورا ڪريو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ٻيو اوهان ٻڌو آهي تہ اڳوڻي زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو، تہ تون ڪوڙو قسم نہ کڻ، پر پنهنجا قسم خداوند جي حضور ۾ پورا ڪر:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 ”ٻيو اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’پرميشور جي آڏو پنهنجا کنيل قسم نہ ڀڃو، پر اهي پورا ڪريو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 ”ٻيو اوھان اھو بہ ٻڌو آھي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي چيو ويو ھو تہ ’پنھنجا قسم نہ ڀڃو، پر خداوند جي آڏو پنھنجا قسم پورا ڪريو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:33
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون آڏو قربانيءَ طور اوهين شڪرگذاري پيش ڪريو. مون خدا تعاليٰ آڏو اوهين پنهنجيون باسون پوريون ڪريو.


سو اي بني اسرائيل! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪريو. اي آس‌پاس واريون قومون! اوهين سڀيئي هن لاءِ نذرانا آڻيو. هائو، جنهن کان ڊڄڻ واجب آهي تنهن لاءِ اوهين نذرانا آڻيو.


اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.


اوهين منهنجو نالو وٺي ڪوڙو قسم نہ کڻجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


ڏسو، هنن جبلن ڏانهن نهاريو ۽ انهيءَ ڏانهن ڏسو، جيڪو خوشخبري آڻي ٿو، هائو، جيڪو امن جي خوشخبري آڻي ٿو. اي يهوداہ وارؤ! توهين ڀلي پنهنجيون عيدون ملهايو ۽ باسون پوريون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آئيندہ اهي بڇڙا توهان تي حملو ڪري نہ سگھندا، ڇو تہ کين هميشہ جي لاءِ ناس ڪيو ويو آهي.


”اوهان ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’خون نہ ڪريو‘ ۽ ’جيڪو خون ڪندو سو عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو.‘


”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’زنا نہ ڪريو.‘


جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا وٽ ڪا باس باسيو، تہ انهيءَ کي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪجو، ڇو تہ خداوند ضرور اوهان کان انهيءَ جي طلب ڪندو ۽ تڏهن اوهين گنهگار ٿيندا.


جيڪي اوهان جي زبان مان نڪري سو اوهين ضرور پورو ڪريو ۽ جهڙي باس اوهان خداوند پنهنجي خدا وٽ رضا خوشيءَ سان واعدو ڪري باسي هجي تنهن موجب اها پوري ڪجو.


اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.


بلڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، انهيءَ جي ئي عبادت ڪجو ۽ انهيءَ جي ئي نالي جو قسم کڻجو.


اها زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح تعليم جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ