Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 مبارڪ آهن اُهي جي دل جا غريب آهن، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن ئي جي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 ”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جو راڄ انهن جو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ”سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا نماڻا آھن، ڇالاءِ⁠جو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:3
55 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن مصيبت ۾ پوڻ کان پوءِ منسيءَ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي آڏو عاجزي ڪئي ۽ کانئس مدد گھريائين.


هن جي دعا ۽ سندس دعا جو قبول ٿيڻ، سندس توبهہ‌تائب ٿيڻ کان اڳ ڪيل سڀ گناهہ ۽ نافرمانيون، ۽ هن جا مختلف هنڌن تي ٺهرايل غير معبودن جا پوڄا گھر، سندس يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا کوڙائڻ ۽ ٻين بتن کي ٺهرائڻ، سي سڀ ”غيبدانن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


هن پنهنجي پيءُ منسيءَ وانگر خداوند اڳيان عاجزي نہ ڪئي، بلڪ گناهن مٿان گناهہ ڪندو رهيو.


جيئن تہ تو يروشلم شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جي خلاف منهنجو فرمان ٻڌندي ئي عاجزيءَ وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ منهنجي اڳيان رنو رڙيو آهين، تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


۽ پوءِ جيڪڏهن منهنجي قوم جيڪا منهنجي نالي ٿي سڏجي، سا عاجزيءَ سان دعا گھرندي ۽ منهنجي ٻاجھہ طلبيندي ۽ پنهنجي بڇڙائيءَ وارين راهن کان منهن موڙيندي، تہ پوءِ آءٌ عرش عظيم مان سندن دعا ٻڌي سندن گناهہ معاف ڪندس ۽ سندن ملڪ کي وري خوشحال بڻائيندس.


تڏهن نہ رڳو پنهنجي چيل ڳالهين جي ڪري آءٌ پاڻ کي ننديان ٿو، بلڪ مٽي ۽ رک مٿي ۾ وجھي توبهہ ٿو ڪريان.“


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي برن جي صلاح تي نہ ٿا هلن. هو گنهگارن جي راهہ تي قدم نہ ٿا رکن، نڪي اهي ڪڏهن ٽوڪبازن جي محفل منجھہ ويهن ٿا.


خداوند جي واکاڻ ڪريو. سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، ۽ خوشيءَ سان سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا.


سڀاڳو آهين تون، اي منهنجا ڀاءُ! جيڪو خداوند جو خوف رکندي سندس واٽن تي ٿو هلين.


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جن جو مددگار يعقوب جو خدا آهي، ۽ جن کي خداوند پنهنجي خدا تي ئي اميد آسرو آهي.


متان هو اوهان تي غصي ٿئي، ۽ اوهان کي پل ۾ نابود ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن جي ڪاوڙ جلد ئي ڀڙڪڻ واري آهي. سڀاڳا آهن اهي سڀيئي، جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا.


خداوند انهن کي ويجھو آهي جيڪي دل‌شڪستہ آهن، ۽ جن جا روح چيڀاٽيل آهن تن کي هو بچائي ٿو.


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي هيڻن جي سار لهن ٿا. انهن کي مصيبت جي وقت تي خداوند ڇڏائيندو.


اي خدا! منهنجو نماڻو روح تو لاءِ منهنجي قرباني آهي. اي خدا! تون نماڻي ۽ پشيمان دل کي حقير نہ ٿو ڄاڻين.


اي قادرِمطلق خداوند! ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جنهن جو تو تي ڀروسو آهي!


مغرورن سان گڏ لٽ ڦر جو مال ويهي ورهائڻ کان غريبن سان گڏ نهٺو ٿي گذارڻ وڌيڪ بهتر آهي.


ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ کيس نيچو ڪريو ڇڏي. مگر جيڪو نهٺو آهي سو ضرور عزت حاصل ڪري ٿو.


ڏاهپ وڌيڪ ٿي چوي تہ ”تنهنڪري هاڻي اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڳا آهن اهي جيڪي منهنجي رستن تي ٿا هلن.


تڏهن بہ خداوند کي اهو انتظار آهي، تہ هو اوهان تي رحم ڪري. هائو، هو اوهان تي مهربان ٿيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو. بيشڪ خداوند عادل آهي، ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا تن کي برڪتن سان نوازي ٿو.


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.


اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.


انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“


پر سڀاڳا آهيو اوهين ڇاڪاڻ تہ اوهان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوهان جا ڪن ٻڌن ٿا.


عيسيٰ چين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو، انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.“


سڀاڳو آهي اهو نوڪر جنهن کي سندس مالڪ اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي بادشاهيءَ ۾ رهو، جيڪا دنيا جي خلقڻ کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪئي ويئي آهي،


”توبهہ ڪريو جو آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوڀر ۽ اولهہ کان ڪيترائي غير قومن وارا ايندا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان گڏ آسمان جي بادشاهيءَ ۾ دسترخوان تي ويهندا.


جڏهن عيسيٰ اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.


تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود وڌيڪ سڀاڳا اُهي آهن، جيڪي خدا جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ٿا ڪن.“


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پهريون نہ، پر هي ٻيو ماڻهو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“


۽ جيئن منهنجي پيءُ مون لاءِ بادشاهي مقرر ڪئي آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان لاءِ بادشاهي مقرر ٿو ڪريان.


اوهين منهنجي بادشاهيءَ ۾ مون سان گڏ کائيندا پيئندا ۽ اوهان مان هر ڪو تخت تي ويهي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندو.“


”خداوند مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،


عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا رکن.“


اوهين انهيءَ سڄي رستي کي ياد رکجو، جنهن تي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي چاليهہ سال بيابان ۾ هلايو، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي عاجز ڪري آزمائي ۽ اوهان جي دل جي ڳالهہ معلوم ڪري تہ اوهين هن جي حڪمن تي عمل ڪندا يا نہ.


جڏهن تہ دولتمند ايمان واري کي هيٺاهين درجي تي، ڇاڪاڻ تہ دولتمندي جھنگلي گل وانگر ڪومائجي ويندي.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس فتح جو تاج، يعني اها زندگي حاصل ٿيندي جنهن جو واعدو خدا پاڻ سان محبت رکڻ وارن سان ڪيو آهي.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي خدا جا سچا لفظ آهن.“


سڀاڳا آهن اهي جيڪي پنهنجا جبا ڌوئي صاف ٿا ڪن. اهي دروازن مان شهر ۾ داخل ٿي زندگي ڏيندڙ وڻ جي ميوي کائڻ جا حقدار هوندا.


ڏسو، اوهين چئو ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ گھڻو مال ملڪيت گڏ ڪيو آهي ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ آهي.‘ پر اوهان کي اها خبر ڪانهي تہ حقيقت ۾ اوهين بد‌بخت، ڏکيارا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ