Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:26 - Muslim Sindhi Bible

26 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پوءِ اهو ماڻهو جيستائين ڏنڊ جي پائي پائي نہ ڏيندو تيستائين ڪنهن بہ طرح اتان نڪري نہ سگھندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 آئون توکي سچ ٿو چوان تہ جيسين تون پائي پائيءَ تي چاڙهي نہ ڏيندين، تيسين ڪنهن بہ پر اُتان نڪرندين ئي ڪين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پوءِ اهو ماڻهو جيستائين ڏنڊ جي پائي پائي نہ ڏيندو تيستائين ڪنهن بہ طرح اتان نڪري نہ سگھندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين تون ڏنڊ جي پائي پائي نہ ڏيندين تيستائين ڪنھن بہ طرح اتان نڪري نہ سگھندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:26
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا هڪ ننڍڙي سڪي ۾ ٻہ جھرڪيون نہ ٿيون وڪامن؟ اهڙين خسيس جھرڪين مان هڪڙي بہ اوهان جي پيءُ جي مرضيءَ کان سواءِ زمين تي نہ ٿي ڪِري.


سو مالڪ مٿس ڏاڍو ڏمريو ۽ کيس جلادن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، جيستائين هو سمورو قرض واپس نہ ڪري.“


پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا ابليس ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو اهڙن ماڻهن کي هميشہ واري سزا ملندي، جڏهن تہ نيڪن کي دائمي زندگي.“


ايتري ۾ هڪ غريب رن‌زال آئي جنهن ٻہ ننڍڙا سڪا اچي پيتيءَ ۾ وڌا.


جيڪڏهن ڪو فريادي اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ هن کي ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي هو ڪوشش ڪري ساڻس ٺاهہ ڪري، متان اهو هن کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج هن کي سپاهيءَ جي حوالي ڪري جيڪو کيس جيل ۾ وجھي.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين اهو ماڻهو ڏنڊ جي پائي پائي ادا نہ ڪندو تيستائين جند نہ ڇٽندس.“


انهيءَ کان علاوہ اوهان ۽ اسان جي وچ ۾ وڏو اوڙاهہ آهي، تنهنڪري جيڪي هتان اوهان ڏانهن وڃڻ گھرن تہ وڃي نہ سگھندا ۽ نہ وري اوهان وٽان ڪو اسان ڏانهن اچي سگھندو.‘


اهي خداوند عيسيٰ جي حضور کان ۽ سندس قدرت جي عظمت کان پري رهي هميشہ واري برباديءَ جي سزا ڀوڳيندا.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ