Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تنهنڪري جيڪڏهن اوهان مان ڪو پنهنجو نذرانو قربان‌گاهہ تي آڻي چاڙهي ۽ اتي ياد پويس تہ سندس ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ جو ڏانهس ڪو رنج آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تنهنڪري جيڪڏهن تون پنهنجو نذرانو قربانگاهہ تي آڻي چاڙهين، ۽ اُتي ياد پويئي تہ منهنجي ڀاءُ جو مون ڏانهن ڪو رنج آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 تنهنڪري جيڪڏهن اوهان مان ڪو پنهنجو دان ٻليدان واري جاءِ تي آڻي چاڙهي ۽ اتي ياد پويس تہ سندس ڪنهن وشواسي ڀاءُ ڀيڻ جو ڏانهس ڪو رنج آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 تنھنڪري جيڪڏھن تون پنھنجو نذرانو قربان⁠گاھہ تي آڻي چاڙھين ۽ اتي ياد پويئي تہ تنھنجي ڀاءُ ڀيڻ جو تو ڏانھن ڪو رنج آھي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:23
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن وڏي ساقيءَ فرعون کي چيو تہ ”اڄ مون کي پنهنجيون خطائون ياد ٿيون پون.


بادشاهہ شمعيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تو منهنجي پيءُ دائود سان جيڪا تمام خراب هلت ڪئي هئي سا تو کي پنهنجيءَ دل ۾ معلوم آهي. هاڻ خداوند تو کي تنهنجي خراب هلت جو بدلو ڏيندو.


بلڪ آءٌ انهن سڀني ڳالهين بابت هميشہ سوچيندو ٿو رهان، تنهنڪري منهنجي دل سدائين اداس پيئي رهي.


آءٌ تنهنجيون ڪيل سڀيئي بدڪاريون معاف ڪري ڇڏيندس. پر تون اهي ياد ڪري پشيمان ٿيندينءَ ۽ شرم وچان وري اڳتي هڪ لفظ بہ نہ ڪڇندينءَ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ رسمي قربانيون نہ ٿو چاهيان، بلڪ اوهين مون سان دلي طرح وفادار هجو. هائو، مون کي رسمي ساڙڻ واريون قربانيون پسند نہ آهن، بلڪ مون کي سچيءَ دل سان سڃاڻو.


اوهين ڪيڏا نہ انڌا آهيو! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، نذر يا قربان‌گاهہ، جيڪا نذر کي پاڪ ٿي ڪري؟


تہ پنهنجو نذرانو اتي قربان‌گاهہ جي اڳيان ڇڏي پهريائين وڃي انهيءَ کي پرچائي، پوءِ اچي پنهنجو نذرانو چاڙهي.


پوءِ عيسيٰ هن کي چيو تہ ”ڏس، اها ڳالهہ ڪنهن کي نہ ٻڌائجانءِ. پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آهين.“


جڏهن بہ اوهين دعا گھرو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پيءُ جيڪو آسمان تي آهي سو بہ اوهان جا گناهہ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“


گھر اندر زڪئي اُٿي بيهي خداوند کي چيو تہ ”ڏسو، اي خداوند! آءٌ پنهنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏهن مون ڪنهن کي ٺڳيو آهي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ