متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:19 - Muslim Sindhi Bible19 تنهنڪري جيڪو انهيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حڪم کي بہ رد ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اهو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ وڏو سڏبو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible19 تنهنڪري جيڪو بہ هنن تمام ننڍن حڪمن مان هڪڙو ڀڃندو، ۽ ماڻهن کي ائين سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ائين سيکاريندو، سو ئي آسمان جي بادشاهت ۾ وڏو سڏبو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible19 تنهنڪري جيڪو انهيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حڪم کي بہ رد ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آڪاش جي راڄ ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اهو آڪاش جي راڄ ۾ وڏو سڏبو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament19 تنھنڪري جيڪو ڪنھن ننڍڙي حڪم جي بہ ڀڃڪڙي ڪندو ۽ ٻين ماڻھن کي بہ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آسمان واري بادشاھت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انھن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اھو آسمان واري بادشاھت ۾ وڏو سڏبو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بيآبرو ڪيا ويندا.