Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:17 - Muslim Sindhi Bible

17 ”اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ توريت توڙي پاڪ ڪلام جي ٻين لکتن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آءٌ انهن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ، پر مڪمل ڪرڻ لاءِ آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ائين نہ ڀانئيو تہ آئون توريت يا نبين جي لکيت کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آئون منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ، پر پوري ڪرڻ لاءِ آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 ”اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ نيم شاستر توڙي پوِتر شاستر جي ٻين لکتن کي رد ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آءٌ انهن کي رد ڪرڻ لاءِ نہ، پر مڪمل ڪرڻ لاءِ آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ”اوھين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ توريت ۽ نبين جي صحيفن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آھيان. آءٌ انھن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ پر مڪمل ڪرڻ لاءِ آيو آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ آءٌ خداوند جنهن جي هر ڳالهہ سچي آهي، تنهن جو اهو ارادو هو تہ منهنجي قوم منهنجي ڏنل شريعت کي وڏو مان ڏئي.“


تنهن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في‌الحال تہ منهنجي مڃ، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪيو.


سو هاڻ جهڙو سلوڪ اوهين چاهيو ٿا تہ ماڻهو اوهان سان ڪن، تهڙو سلوڪ اوهين بہ ٻين سان ڪريو. اهو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي تعليم جو نچوڙ آهي.“


تنهن هوندي بہ زمين ۽ آسمان جو ٽري وڃڻ آسان آهي، پر شريعت جو هڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ٿو سگھي.


شريعت ۾ موسيٰ اسان کي حڪم ڏنو آهي تہ اهڙين عورتن کي سنگسار ڪري ڇڏيون. هاڻي تون هن بابت ڇا ٿو چوين؟“


اهي گورنر کي چوڻ لڳا تہ ”هي اهو شخص آهي جيڪو ماڻهن کي اهڙي نموني عبادت ڪرڻ ٿو سيکاري، جيڪا قانون جي خلاف آهي.“


انهن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. هي اهو ماڻهو آهي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻهن کي اسان جي قوم، شريعت ۽ هن هيڪل جي خلاف تعليم ڏئي ٿو. هاڻي وري هن ڪن غير قوم وارن کي هن مقدس هيڪل ۾ آڻي ان کي پليت ڪيو آهي.“


پوءِ اهي ڪن اهڙن ماڻهن کي اندر وٺي آيا، جيڪي هن جي مٿان ڪوڙي شاهدي ڏين. انهن ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو هميشہ اسان جي مقدس هيڪل ۽ موسيٰ جي شريعت جي خلاف ڳالهائيندو آهي.


جيئن تہ شريعت جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو سو ئي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو.


پوءِ هن جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري شريعت کي منسوخ ٿا ڪريون؟ هرگز نہ. اسين تہ انهيءَ سان شريعت کي قائم ٿا ڪريون.


اهو خدا انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اسان ۾ شريعت جي سچائي پوري ٿي وڃي، جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب زندگي گذاريون ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ