Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:14 - Muslim Sindhi Bible

14 جيئن ڪو ٽڪر تي اڏيل شهر نظر کان لڪي نہ ٿو سگھي، تيئن اوهين سڄي جهان لاءِ روشنيءَ مثل آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 اوهين جهان جي روشني آهيو، جو شهر ٽڪر تي بيٺل آهي، سو لڪي نہ سگهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 جيئن ڪو ٽڪر تي اڏيل شهر نظر کان لڪي نہ ٿو سگھي، تيئن اوهين سڄي سنسار لاءِ روشنيءَ مثل آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 اوھين سڄي جھان لاءِ روشنيءَ مثل آھيو. جيڪو شھر ٽڪر تي اڏيل آھي اھو لڪي نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بدڪارن جي راهہ گھُگھُہ اونداهيءَ مثل آهي. اهي ڄاڻن ئي ڪين ٿا تہ ڪهڙيءَ شيءِ کين ٿاٻڙائي ڪيرايو. پر سچارن جي راهہ صبح جي روشنيءَ مثل آهي، جنهن جي چمڪ وڌندي وڌندي ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ جيان ٿيو پوي.


تڏهن خداوند خدا مون کي سمجھايو تہ ”ڏس، هيءَ نقشي واري سر اهو ئي يروشلم آهي، جنهن کي مون ٻين سمورن ملڪن ۽ قومن کان وڌيڪ رتبو عطا ڪيو.


سو جيڪا گھڙي روشني اوهان وٽ آهي اوهين روشنيءَ تي ايمان آڻيو، تہ جيئن اوهين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“ اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ هليو ويو ۽ انهن کي منهن نہ ڏيکاريائين.


يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر هو ۽ اوهان گھڙي پلڪ هن جي روشنيءَ ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو.


ٻئي دفعي عيسيٰ فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“


جيستائين آءٌ هن دنيا ۾ آهيان تہ آءٌ دنيا جي روشني آهيان.“


جيڪي مسيح تي ايمان نہ ٿا رکن تن سان پابند رهڻ کان پري رهو، ڇاڪاڻ تہ سچائي ۽ بدڪاري ڪيئن گڏ رهنديون؟ يا روشني ۽ اونداهيءَ جي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي؟


تہ جيئن اوهين بي‌ڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ گمراهہ ماڻهن جي هن دنيا ۾ خدا جا بي‌عيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آسمان ۾ ستارا


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اوهان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينهن سان گَهرو تعلق آهي. هائو، اسان ايمان وارن جو رات يا اونداهيءَ سان ڪوبہ تعلق ڪونهي،


اهي ست تارا جيڪي تون منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏسين ٿو، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز هي آهي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آهن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آهن.“


سو ياد ڪريو تہ اوهين ڪٿان ڪريا آهيو ۽ پوءِ توبهہ‌تائب ٿي اڳي وانگر عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان ائين نہ ڪيو تہ آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان جو شمعدان مقرر جاءِ تان کڻي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ