Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:11 - Muslim Sindhi Bible

11 سڀاڳا آهيو اوهين، جو ماڻهو منهنجي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن ٿا، ستائين ٿا ۽ اوهان تي هر قسم جون تهمتون ٿا هڻن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 مبارڪ اوهين تڏهن آهيو، جڏهن منهنجي نالي ماڻهو اوهان کي طعنا هڻندا، ۽ ستائيندا، ۽ بي گناهہ اوهان تي هر طرح جي تهمت لڳائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 سڀاڳا آهيو اوهين، جو ماڻهو منهنجي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن ٿا، ستائين ٿا ۽ اوهان تي هر قسم جون تهمتون ٿا هڻن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 سڀاڳا آھيو اوھين، جو ماڻھو منھنجي ڪري اوھان جي بي⁠عزتي ڪن، اوھان کي ستائين ۽ اوھان تي ھر قسم جون تھمتون ھڻن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:11
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي خلاف بدخواہ شاهد اُٿي کڙا ٿيا آهن. هو مون تي اهڙيون ڳالهيون ٿا مڙهين، جن بابت آءٌ ڄاڻان ئي نہ ٿو.


تنهن هوندي بہ اسين تو خاطر روزانو موت جو منهن ڏسندا رهون ٿا. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.


هائو، قادرِمطلق خداوند موت کي هميشہ لاءِ ماري مات ڪري سڀني جي اکين مان ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. هو سڄيءَ دنيا مان پنهنجي قوم جي خواري مِٽائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.


اي اوهين سڀ! جيڪي سچائيءَ واري رستي تي هلڻ ٿا چاهيو، ۽ جن منهنجي تعليم کي دل سان هنڊايو آهي، سي ڌيان ڏيئي ٻڌو. اوهين ماڻهن جي ملامت کان نہ گھٻرايو، نڪي انهن جي طعنن کان ڊڄو،


جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.


مون وراڻيو تہ ”اهو ڪوڙ آهي، آءٌ بابلين ڏانهن ڀڳو ڪونہ ٿو وڃان.“ پر ارياہ منهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، اٽلندو مون کي گرفتار ڪري عملدارن وٽ پيش ڪيائين.


اوهان کي منهنجي ڪري حاڪمن ۽ بادشاهن اڳيان پيش ڪيو ويندو. تڏهن اوهين انهن کي توڙي ٻين غير قوم وارن کي بہ آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبري ٻڌائيندا.


منهنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.


شاگرد لاءِ سٺو اهو آهي تہ هو پنهنجي استاد سان هر حال ۾ شامل رهي ۽ غلام لاءِ تہ پنهنجي مالڪ سان. سو جيڪڏهن گھر جي مالڪ کي ئي ڀوتن جو سردار بعل‌زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“


ڏسو، جيڪو پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان وڃائيندو سو اها حاصل ڪندو.“


جيڪو بہ پنهنجا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ پيءُ، ٻار يا ٻنيون منهنجي ڪري ڇڏيندو تہ ان کي اُهي سؤڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس.


ان وقت اوهان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ پڪڙايو ويندو. جيئن تہ اوهين منهنجا پوئلڳ آهيو سو سڀني قومن جا ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا.


جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي عيسيٰ کي ٺٺوليون ڪندي چون پيا تہ


منهنجي نالي جي ڪري هر ڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.“


سڀني قومن ۾ پهريائين خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ضرور ڪئي ويندي. سو اوهان کي پنهنجي هوشياري ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ عبادت‌خانن ۾ اوهان کي مارڪُٽ ڪئي ويندي. منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اتي اوهين اها خوشخبري ٻڌائيندا.


پر اهو انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. سو جڏهن پيغام جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا.


ڏسو، جيڪو چاهي ٿو تہ پنهنجي جان بچائي سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي واسطي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو سو اها بچائيندو.


پر هنن ڳالهين ٿيڻ کان اڳي ئي منهنجي نالي جي ڪري اوهين سوگھا ڪيا ويندا، اوهان کي ستايو ويندو، عبادت‌خانن جي اڳواڻن جي حوالي ڪيو ويندو، جيلن ۾ وڌو ويندو ۽ بادشاهن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو.


هائو، منهنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا.


سڀاڳا آهيو اوهين، جڏهن ماڻهو ابنِ آدم جي ڪري اوهان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ اوهان کي بڇڙو سمجھي ڪڍي ڇڏيندا.


ڏسو، جيڪو پنهنجي جان بچائڻ چاهيندو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان وڃائيندو، سو انهيءَ کي بچائيندو.


ماڻهو منهنجي نالي جي ڪري اوهان سان اهڙو سلوڪ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ کي نہ ٿا ڄاڻين جنهن مون کي موڪليو آهي.


تنهن تي انهن ڦٽ لعنت ڪري چيس تہ ”تون ئي انهيءَ جو شاگرد آهين. اسين تہ موسيٰ جا شاگرد آهيون.


آءٌ پاڻ هن کي ڏيکاريندس تہ منهنجي نالي جي ڪري کيس ڪيتريون نہ تڪليفون سهڻيون پونديون.“


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر هر وقت اسان کي موت جو منهن ڏيکاريو وڃي ٿو. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“


اسين تہ مسيح جي خاطر بي‌وقوف ٿا سڏجون، پر اوهين مسيح ۾ سياڻا ٿا ليکجو. اسين هيڻا پر اوهين طاقتور، اوهين عزت وارا پر اسين بي‌عزت ٿا ليکجون.


هائو، اسين زندہ حالت ۾ عيسيٰ جي خاطر هر وقت موت جي منهن ۾ ٿا رهون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاهر ٿئي.


ڇاڪاڻ تہ مسيح جي خاطر اوهان تي اها ٻاجھہ ٿي آهي تہ نہ رڳو مٿس ايمان رکو، بلڪ هن جي لاءِ تڪليفون بہ سهو.


هن گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنهن کي گار نہ ڏني ۽ تڪليفون سهي بہ ڪنهن کي ڪونہ ڌمڪايائين، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.


جيڪڏهن مسيح جي نالي جي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪئي ٿي وڃي تہ اوهين سڀاڳا آهيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي نهايت عظمت واري روح جي ڇانوَ اوهان تي آهي.


منهنجي نالي جي ڪري اوهين سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿڪا آهيو، بلڪ ثابت قدميءَ سان هلندا ٿا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ