Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي هي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏهن تون هيٺ نِوڙي مون کي سجدو ڪندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ چيائينس، تہ جي تون پيرين پئي مون کي سجدو ڪندين، تہ آئون توکي هي سڀ شيون ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي هي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏهن تون هيٺ نِوڙي مون اڳيان سيس نوائيندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي ھي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏھن تون ھيٺ نِوڙي مون کي سجدو ڪندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:9
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سمورا بادشاهہ اچي سندس آڏو جھڪندا، ۽ سموريون قومون اچي سندس خدمت ڪنديون.


منهنجي ئي وسيلي بادشاهہ حڪومت ٿا ڪن، ۽ حاڪم انصاف سان عدالت ٿا ڪن.


ماڻهو تو کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ تون جھنگلي جانورن سان وڃي رهندين. تون ڍڳن وانگر گاهہ چرندين ۽ ائين تو تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو تون قبول ڪرين تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.“


۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏهن آءٌ عيسيٰ کي پڪڙائڻ ۾ اوهان جي مدد ڪريان تہ پوءِ اوهين مون کي ڇا ڏيندا؟“ تنهن تي انهن کيس چانديءَ جا ٽيهہ سڪا ڳڻي ڏنا.


تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو هن دنيا کي گنهگار قرار ڏنو ويندو ۽ دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو.


عيسيٰ ڄاتو ٿي تہ ”پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ هٿ ۾ ڏنو آهي.“ هن اهو بہ ڄاتو ٿي تہ ”آءٌ خدا جي طرفان آيو آهيان ۽ خدا ڏانهن موٽي وڃي رهيو آهيان.“


هن کان پوءِ آءٌ اوهان سان گھڻو نہ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا جو سردار اچي رهيو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو نہ آهي تہ هن جو مون تي ڪو اختيار آهي.


۽ عدالت جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو هن دنيا جي سردار کي گنهگار قرار ڏنو ويو آهي.


اهي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن دنيا جو معبود ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آهي، تنهن جي عظمت جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


هو تازو ايمان آڻيندڙ نہ هجي، متان ڦونڊ ۾ اچي ابليس وانگر گنهگار قرار ڏنو وڃي.


تڏهن آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر خدمت ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ بابت شاهدي ئي خدا جي پيغام جو نچوڙ آهي.“


هن جي پوشاڪ تي ران وٽ سندس هي لقب لکيل آهي: ”بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ