Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا خدا چوي ٿو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 پر هن ورندي ڏيئي چيو، تہ لکيل آهي تہ ”ماڻهو رڳو مانيءَ ڪري نہ جيئندو پر جيڪي بہ لفظ خدا جي واتان نڪرندا تن ڪري جيئندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو روٽيءَ تي جيوت نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا ايشور چوي ٿو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’ماڻھو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رھي، پر ھر انھيءَ لفظ تي جيڪو خدا چوي ٿو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:4
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن بني اسرائيل اها ڏٺي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڇا آهي؟“ ڇاڪاڻ تہ انهن کي خبر ڪانہ هئي تہ اهو ڇا آهي. تڏهن موسيٰ کين چيو تہ ”هيءَ اها ماني آهي جيڪا خداوند اوهان کي کائڻ جي لاءِ ڏني آهي.


بني اسرائيل چاليهن سالن تائين مَنَ کائيندا رهيا، جيستائين هو آباد ملڪ ۾ آيا، يعني جيستائين هو ڪنعان ملڪ جي حد تائين نہ آيا تيستائين مَنَ پئي کاڌائون.


موسيٰ وڌيڪ چين تہ ”شام جي وقت خداوند اوهان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو ۽ صبح جو ڍءُ تي ماني ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند جي خلاف جيڪي شڪايتون ڪريو ٿا سي هو ٻڌي ٿو. سو اسين ڪير ٿيندا آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي خلاف نہ پر خداوند جي خلاف آهي.“


اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ياد ڪري ملهايو. ابيب مهيني جي مقرر ڪيل وقت تي، جيئن مون اوهان کي حڪم ڪيو آهي، تيئن ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


تہ جيڪا بہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا انسان کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي انسان کي پليت ڪري ٿي.“


تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”پاڪ ڪلام ۾ اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“


هن وڌيڪ چين تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاهر ٿو نڪري سو ئي کيس پليت ٿو ڪري.


پر عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ ائين بہ چيو ويو آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“


پر عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”پاڪ ڪلام ۾ اهو لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو مانيءَ تي ئي جيئرو نہ ٿو رهي.‘“


تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


جڏهن اهو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوهان ڏانهن موڪليندس، يعني سچ جو روح جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو، تڏهن اهو مون بابت شاهدي ڏيندو.


زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آهي، جسم ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي روح آهن ۽ زندگي بہ.


جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي تعليم لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پاڪ ڪلام کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي.


پنهنجي مٿي تي ڇوٽڪاري جو لوهي ٽوپ پايو ۽ پاڪ روح جي تلوار، يعني خدا جو قول پاڻ سان کڻو.


تنهنڪري هن اوهان کي عاجز ڪيو ۽ بکيو رکيو. پوءِ اوهان کي اها مَنَ کارايائين جنهن جي نہ اوهان کي خبر هئي نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي. هن ڪري جو هو اوهان کي اهو سيکاري تہ انسان رڳو مانيءَ سان ئي جيئرو نہ ٿو رهي، بلڪ خداوند جي چيل هر هڪ ڳالهہ سان جيئرو رهي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ