Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:24 - Muslim Sindhi Bible

24 انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ هن جي هاڪ سڄي سوريہ ۾ پئجي ويئي: ۽ جيڪي بيمار جدا جدا مرضن ۽ عذابن ۾ ڦاٿل هئا، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، ۽ جن کي مرگهي ۽ اڌرنگ هو، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن کين ڇُٽائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي يسوع ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:24
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن دمشق جي آس‌پاس واري ارامين جي علائقي ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون. اهڙيءَ طرح ارامي بہ دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا. سو دائود جيڏانهن بہ ٿي ويو، اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.


جڏهن شبا ملڪ جي راڻيءَ سليمان کي خداوند جي طرفان مليل ڏاهپ جي هاڪ ٻڌي تڏهن هوءَ ڏکين سوالن سان هن جي آزمائش وٺڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي.


هو سڀني ماڻهن کان وڌيڪ داناءُ هو، بلڪ ايتان ازراخي ۽ محول جي پٽن هيمان، ڪل‌ڪول ۽ دردع کان بہ وڌيڪ داناءُ هو ۽ هن جي هاڪ آس‌پاس وارين سڀني قومن ۾ پئجي ويئي.


پوءِ تہ سڀني ملڪن ۾ دائود مشهور ٿي ويو ۽ خداوند هر قوم جي دل ۾ هن جو خوف وجھي ڇڏيو.


سو مون پنهنجي وس آهر پنهنجي خدا جي لاءِ سون جي شين واسطي سون، چانديءَ جي شين واسطي چاندي، پتل جي شين لاءِ پتل، لوهہ جي شين لاءِ لوهہ، ڪاٺ جي شين لاءِ ڪاٺ، سليماني پٿر، جڙاوت لاءِ قيمتي پٿر، شب‌چراغ، هيرا ۽ هر قسم جا رنگين پٿر ۽ گھڻي مقدار ۾ اڇو سنگ‌مرمر مهيا ڪري رکيو آهي.


خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“


پوءِ عيسيٰ وٽ هڪڙو ماڻهو آندو ويو جيڪو انڌو هو ۽ ڳالهائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ ڀوت هو. عيسيٰ ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو، تڏهن هو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.


انهن ڏينهن ۾ گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جڏهن عيسيٰ جي هاڪ ٻڌي،


اتان جي هڪ ڪنعاني عورت عيسيٰ جي پٺيان وڏي آواز سان پڪاريندي ٿي آئي تہ ”اي سائين! اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو. منهنجي ڌيءَ ۾ ڀوت آهي، جيڪو کيس ڏاڍو ستائي ٿو.“


چوڻ لڳس تہ ”سائين! منهنجي پٽ تي رحم ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هن کي مرگھيءَ جو اهڙو ڏکوئيندڙ مرض آهي جو اڪثر ڪري باهہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري.


پوءِ عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ هو ڇوڪري مان نڪري ويو ۽ انهيءَ گھڙيءَ اهو چڱو ڀلو ٿي پيو.


عيسيٰ گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي عبادت‌خانن ۾ تعليم ڏيندو، آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.


پوءِ عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ آيو تہ اتي ٻہ ڄڻا قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليا. اهي ٻئي اهڙي قسم جي ڀوتن سان ورتل هئا جو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ رستي سان لنگھي نہ سگھندو هو.


ڌڻ چارڻ وارا اهو ڏسي شهر ڏانهن ڀڳا ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن جو سمورو احوال ڪري ٻڌايائون.


”سائين! منهنجو نوڪر اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ گھر ۾ پيو آهي ۽ ڏاڍا عذاب پيو سهي.“


هي واقعو انهيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويو.


پوءِ عيسيٰ آس‌پاس جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گھمندو رهيو. اُتي هو عبادت‌خانن ۾ تعليم ڏيندو، آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ماڻهن کي هر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان شفا ڏيندو رهيو.


جلد ئي هن جي هاڪ گليل جي سڄي علائقي ۾ جتي ڪٿي پکڙجي ويئي.


جڏهن سانجھي ٿي ۽ سج لهي ويو تہ ماڻهن ڪيترائي بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهو عيسيٰ وٽ آندا.


تہ ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻهن هٿان کٽولي تي کڻائي ڏانهس آيا.


جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري هو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنهن جاءِ ۾ عيسيٰ ويٺل هو، تنهن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏهن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ هنن کٽولو، جنهن تي اڌرنگي پيل هو سو هيٺ لاٿو.


ڇا اهو سولو آهي تہ هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر‘؟


اها پهرين آدمشماري هئي جيڪا شام صوبي جي گورنر ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي.


پوءِ عيسيٰ جيڪو پاڪ روح جي طاقت سان ڀريل هو، سو گليل علائقي ڏانهن موٽيو. سندس هاڪ آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويئي.


عيسيٰ عبادت‌خاني مان نڪري شمعون جي گھر آيو. شمعون جي سس کي سخت بخار هو، سو اُنهيءَ لاءِ کيس عرض ڪيو ويو.


عيسيٰ بابت اهي ڳالهيون هنڌين ماڳين پکڙجي ويون. سو ماڻهن جا وڏا ميڙ اچي هن وٽ گڏ ٿيندا هئا، تہ جيئن هن جون ڳالهيون ٻڌن ۽ پنهنجين بيمارين کان شفا پائين.


پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ ابنِ آدم کي زمين تي گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“


اها ڳالهہ سڄي يهوديہ ۽ ڀر واري سموري علائقي ۾ چؤطرف پکڙجي ويئي.


پر ٻين وري چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوت هوندو آهي، سو هن جهڙيون ڳالهيون نہ ڪري سگھندو آهي. ڀلا، ڀوت ڪنهن انڌي کي ديد ڏيئي سگھي ٿو ڇا؟“


اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو.


انهن کي هي خط لکي ڏنائون تہ ”غير قومن مان جيڪي مسيح تي ايمان رکندڙ انطاڪيا، بلڪ سڄي شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن ۾ ٿا رهن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ اڳواڻن جا سلام هجن.


پولس شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن مان ٿيندو اتي جي ڪليسيائن کي ايمان ۾ مضبوط ڪندو اڳتي ويو.


جڏهن هي ڪم ٿيو تڏهن ٻيٽ ۾ جيڪي بہ بيمار هئا، تن کي پولس وٽ آندو ويو تہ کين شفا ڏني ويئي.


ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترائي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻهو چڱا ڀلا ٿي ويا.


سو خداوند يشوع سان گڏ هو ۽ سندس شهرت سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ