Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:23 - Muslim Sindhi Bible

23 عيسيٰ گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي عبادت‌خانن ۾ تعليم ڏيندو، آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 يسوع گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:23
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجا سمورا گناهہ معاف ٿو ڪري. هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجي سمورن مرضن کان مون کي شفا ٿو ڏئي.


هنن هڪٻئي کي چيو ٿي تہ ”اچو تہ اسين هن قوم کي بلڪل ئي چٿي ڇڏيون.“ سو ملڪ ۾ جيڪي بہ تنهنجيون عبادت‌گاهون هيون، سي سڀ هنن ساڙي ڇڏيون.


انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


تنهن کان پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي يهودين جي عبادت‌خاني ۾ هليو ويو.


اهي جيڪي آسمان جي بادشاهيءَ جو پيغام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انهيءَ رستي مثل آهن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انهن جي دل مان اهي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.


۽ موٽي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادت‌خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ هن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”هن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اهڙي قدرت ڪٿان حاصل ڪئي آهي؟


جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين.


آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي سڄيءَ دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاهدي ٿئي. تنهن کان پوءِ هن دنيا جي پڄاڻي ٿيندي.“


”توبهہ ڪريو جو آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“


پوءِ عيسيٰ آس‌پاس جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گھمندو رهيو. اُتي هو عبادت‌خانن ۾ تعليم ڏيندو، آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ماڻهن کي هر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان شفا ڏيندو رهيو.


يحيٰ جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ گليل علائقي ۾ موٽي آيو ۽ خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ لڳو تہ


پوءِ عيسيٰ پنهنجي انهن شاگردن سميت ڪفرناحوم شهر ۾ آيو جتي سبت جي ڏينهن تي عبادت‌خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.


پوءِ هو گليل جي پوري علائقي جي عبادت‌خانن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو.


جيئن تہ هن گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، تنهنڪري جن کي بہ بيماري هئي سي کيس هٿ لائڻ لاءِ هڪٻئي کي ڌِڪيندا اڳتي وڌن پيا.


سبت جي ڏينهن تي هو عبادت‌خاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟


انهيءَ شهر ۾ جيڪي بيمار هجن تن کي شفا ڏجو ۽ اتان جي ماڻهن کي چئجو تہ ’خدا جي بادشاهي اوهان جي ويجھو اچي پهتي آهي.‘


هڪڙي دفعي سبت جي ڏينهن تي عيسيٰ عبادت‌خاني ۾ ويٺي تعليم ڏني.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موسيٰ جي شريعت توڙي ٻين نبين جون لکتون يحيٰ جي وقت تائين لاڳو رهيون. تنهن کان پوءِ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ٿيڻ لڳي ۽ هر ڪو ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور پيو ڏئي.


هڪڙي ڏينهن جڏهن عيسيٰ ماڻهن کي هيڪل ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت تعليم ڏيئي رهيو هو ۽ انهيءَ بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي پئي ڪيائين تہ سردار ڪاهن ۽ شريعت جا عالم يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن سان گڏجي وٽس آيا.


پوءِ عيسيٰ جيڪو پاڪ روح جي طاقت سان ڀريل هو، سو گليل علائقي ڏانهن موٽيو. سندس هاڪ آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويئي.


هڪڙي ڏينهن عيسيٰ ڪنهن گھر ۾ تعليم ڏيئي رهيو هو ۽ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا هئا، جيڪي يروشلم شهر سميت يهوديہ ۽ گليل علائقن جي هر ڳوٺ ۽ شهر کان آيا هئا. جيئن تہ بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان گڏ هوندي هئي،


عيسيٰ هنن سان گڏ جبل تان هيٺ لهي هڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس شاگردن جي وڏي جماعت ۽ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ سان گڏوگڏ صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن کان گھڻا ماڻهو اچي اتي مڙيا.


ڪنهن ٻئي سبت جي ڏينهن تي عيسيٰ عبادت‌خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. اُتي هڪ ماڻهو هو جنهن جو ساڄو هٿ سڪل هو.


انهيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين.


سو عيسيٰ انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو عيسيٰ شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو پئي وتيو. سندس ٻارهن شاگرد بہ ساڻس گڏ هئا.


پر جڏهن ماڻهن جي ميڙن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن اهي بہ عيسيٰ جي پٺيان اچي وٽس پهتا. هو انهن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين خدا جي بادشاهيءَ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳو، جنهن کي ان جي ضرورت هئي.


تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻهن ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪر.“


عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ عبادت‌خانن ۽ هيڪل ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.


هي ڳالهيون هن ڪفرناحوم جي عبادت‌خاني ۾ تعليم ڏيندي ٻڌايون هيون.


ان کان پوءِ عيسيٰ گليل علائقي ۾ پئي گھميو. هو يهوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاهي، ڇاڪاڻ تہ اتي يهودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رهيا هئا.


اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو.


هو هر سبت جي ڏينهن تي يهودين جي عبادت‌خاني ۾ ويندو هو ۽ بحث ڪري يهودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو.


هاڻي مون کي پڪ آهي تہ اوهين سڀ جن ۾ مون خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪئي آهي، تن مان ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو.


هو وڏي دليريءَ سان بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪندي خداوند عيسيٰ مسيح بابت ڳالهين جي تعليم ڏيندو هو.


جيستائين ڪن کي موڪليو ئي نہ وڃي، تيستائين اهي پيغام جي تبليغ ڪيئن ڪندا؟ جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خوشخبري ٻڌائڻ وارن جو اچڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي!“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ