Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آهي تڏهن هو گليل علائقي ڏانهن روانو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 هاڻي جڏهن هن ٻڌو تہ يوحنا کي جهلايو اٿن، تڏهن پاڻ نڪري گليل ڏانهن ويو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جڏهن يسوع ٻڌو تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کي جيل ۾ وڌو ويو آهي تڏهن هو گليل علائقي ڏانهن روانو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آھي تڏھن ھو گليل ڏانھن روانو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جڏهن يحيٰ جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ هن پنهنجا ڪي شاگرد عيسيٰ ڏانهن موڪليا.


ڪجھہ وقت اڳ هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي چوڻ تي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين.


يحيٰ جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ گليل علائقي ۾ موٽي آيو ۽ خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ لڳو تہ


هيروديس پاڻ ئي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين. هن اهو ڪم هيرودياس جي چوڻ تي ڪيو هو، جيڪا سندس ڀاءُ فلپس جي زال هئي ۽ جنهن سان هن فلپس جي جيئري ئي شادي ڪئي هئي.


پر انهن تيئن زور ڏيندي چيو تہ ”سڄي يهوديہ ۾، بلڪ گليل کان وٺي هن جاءِ تائين هي ماڻهن کي باغي ڪندو رهيو آهي.“


تڏهن هيروديس هڪ وڌيڪ خرابي ڪئي جو يحيٰ کي کڻي جيل ۾ وڌائين.


پوءِ عيسيٰ جيڪو پاڪ روح جي طاقت سان ڀريل هو، سو گليل علائقي ڏانهن موٽيو. سندس هاڪ آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويئي.


ان کان پوءِ عيسيٰ گليل جي شهر ڪفرناحوم ۾ آيو، جتي سبت جي ڏينهن تي ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.


ٻئي ڏينهن تي عيسيٰ گليل علائقي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اتي پهچي هو فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منهنجي پٺيان هل.“


هي عيسيٰ جو پهريون معجزو هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.


ان وقت تائين يحيٰ کي جيل ۾ نہ وڌو ويو هو.


انهن ٻن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي گليل علائقي ڏانهن هليو ويو.


هي ٻيو معجزو هو، جيڪو عيسيٰ ٻيهر يهوديہ کان گليل اچي ڏيکاريو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ