Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ ابليس هن کي ڇڏي هليو ويو تہ هڪدم ملائڪ اچي پهتا ۽ عيسيٰ جي خدمت ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن شيطان هن کي ڇڏي هليو ويو، ۽ ڏسو، ملائڪن اچي سندس خدمت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 پوءِ شيطان هن کي ڇڏي هليو ويو تہ هڪدم دوت اچي پهتا ۽ يسوع جي سيوا ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 پوءِ شيطان ھن کي ڇڏي ھليو ويو ۽ ملائڪ آيا ۽ اچي عيسيٰ جي خدمت ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن اکيون کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسي تہ سندس مٿي کان ٽانڊن تي پڪل هڪڙو ڍوڍو ۽ پاڻيءَ جو دلو رکيو آهي. هن اُٿي کاڌو پيتو ۽ وري سمهي پيو.


تون نہ ٿو ڄاڻي ڇا تہ آءٌ پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ هو هينئر ئي منهنجي مدد لاءِ ٻارهن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟


چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خدا پنهنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“


جتي عيسيٰ کي چاليهن ڏينهن تائين شيطان آزمائيندو رهيو. اتي هن جھنگلي جانورن جي وچ ۾ پئي گذاريو ۽ ملائڪن سندس خدمت پئي ڪئي.


ايتري ۾ آسمان مان هڪڙو ملائڪ نازل ٿيو، جنهن کيس دلداري ڏني.


آءٌ اوهان سان روزانو هيڪل ۾ گڏ هوندو هئس، پر اوهان اتي تہ مون تي هٿ بہ نہ کنيو. پر هاڻي اوهان جو وقت آهي ڇو تہ هي اونداهيءَ جو راڄ آهي.“


پوءِ جڏهن ابليس عيسيٰ کي هر طرح سان آزمائي چڪو، تڏهن ڪجھہ وقت لاءِ وٽانئس هليو ويو.


هن کان پوءِ آءٌ اوهان سان گھڻو نہ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا جو سردار اچي رهيو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو نہ آهي تہ هن جو مون تي ڪو اختيار آهي.


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ دينداريءَ جو اهو راز عظيم آهي، يعني هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪ روح ۾ سچو ثابت ٿيو. هو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ مٿي عظيم خدا جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


وري جڏهن هو پنهنجي پهريتي فرزند کي دنيا ۾ موڪلي ٿو، تڏهن فرمائي ٿو تہ ”مون خدا جا سڀ ملائڪ هن کي سجدو ڪن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ