Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ائين نہ سمجھو تہ اوهين ابراهيم جو اولاد هئڻ ڪري بچي ويندا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا هنن پٿرن مان بہ ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ ڀانئيو، تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم جي لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ائين نہ سمجھو تہ اوهين ابرهام جو اولاد هئڻ ڪري بچي ويندا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور هنن پٿرن مان بہ ابرهام لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 ائين نہ سمجھو تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا ھنن پٿرن مان بہ ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:9
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! اسرائيل ملڪ جي ويران ٿيل شهرن ۾ رهڻ وارا ماڻهو چوندا ٿا وتن تہ ’ابراهيم رڳو هڪڙو شخص هو، جنهن کي خداوند هي سڄو ملڪ ميراث طور ڏيئي ڇڏيو هو، جڏهن تہ اسين هاڻي تمام گھڻا آهيون. سو اهو ملڪ اسان جو ئي آهي.‘


هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون،


سو هو دل ۾ سوچڻ لڳو تہ ’هاڻي ڇا ڪريان؟ مون وٽ تہ اها جاءِ ئي ڪانهي جتي کڻي پنهنجو فصل گڏ ڪري رکان.‘


تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراهيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن باهہ جي سخت عذاب ۾ آهيان.‘


عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏهن هنن ماٺ ڪئي تہ خود پٿر وٺي پڪاريندا.“


انهيءَ لاءِ اوهين وڃي اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي. اوهين ائين بہ نہ سوچو تہ ’اسين ابراهيم جو اولاد آهيون تنهنڪري بچي وينداسين.‘ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا هنن پٿرن مان بہ ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


عيسيٰ انهن جا خيال سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟


تنهن تي فريسي، جنهن عيسيٰ جي دعوت ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ عورت جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ گنهگار آهي!“


تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسين ابراهيم جو اولاد آهيون ۽ ڪڏهن بہ ڪنهن جا غلام نہ ٿيا آهيون، تہ پوءِ تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آهي تہ ’اوهين آزاد ٿيندا‘؟“


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ابراهيم جو اولاد آهيو. پوءِ بہ اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو.


اسان جو پيءُ ابراهيم جيڪو مري ويو تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ نبي بہ مري ويا. تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“


اي ابراهيم جو اولاد، منهنجا هم‌قوم بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي خداپرست غير يهوديؤ! انهيءَ ڇوٽڪاري وارو پيغام اسان سڀني ڏانهن موڪليو ويو آهي.


شمعون پطرس بيان ڪيو آهي تہ ڪيئن خدا غير قومن تي پنهنجي فضل جي شروعات ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ منجھائن هڪ اهڙي قوم بڻائي جيڪا سندس نالي سان سڏجي.


هاڻ آءٌ ابراهيم جو مثال ڏيندس، جيڪو جسماني طور اسان جو ڏاڏو آهي، تہ هو ڪيئن خدا ڏانهن سچار بڻيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ